ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شاگرد سٿ طرفان ڪي ايس پي پاليسي خلاف ڪراچي پريس ڪلب سميت مختلف پريس ڪلبن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
سنڌ شاگرد سٿ طرفان چيو ويو آهي ته وي سي ۽ انتظاميا جي خاطرين باوجود سنڌي شاگردن جي رستا روڪ بند ناهي ٿي سگهي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ هن سال جي ايڊميشن کان پھريان 43 شعبن تي KSP پاليسي لاڳو هئي، اها وڌائي 44 ڊپارٽمينٽ تي لاڳو ڪئي وئي، آهي جيڪي رڳو بيچلر ڊگري پروگرام آهن، ان کان علاوه 47 ماسٽرس ڊگري پروگرام آهن، جن تي به KSP پاليسي لاڳو آهي، جنهن جو مقصد صرف سنڌي شاگردن جو وڌندڙ انگ برداشت نه ڪرڻ آهي.
سنڌ شاگرد سٿ موجب ڪراچي يونيورسٽي نالو اوپن ميرٽ جو ڏئي ٿي پر ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ٿو وڃي، هن پاليسي تحت مخصوص بورڊ جي شاگردن کي سموريون سيٽون ڏنيون پيون وڃن، جيڪو انتهائي نامناسب عمل آهي، جنهن سان هڪ تعصب پيدا ٿئي پيو،ڪجهه شاگردن کي خراب ڪارڪردگي جي به داخلا ملي پئي ۽ سٺي ڪارڪردگي ۽ خواھش رکڻ باوجود ٻين شاگردن کي داخلا نه پئي ملي سگهي، سنڌي شاگرد سٿ ان پاليسي کي مڪمل تي رد ڪري ٿو ۽ اعلان ڪري ٿو ته جيڪڏهن جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته 22 جنوري تي ڪراچي يونيورسٽي جي سِلور جُوبلي گيٽ تي بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي ويندي، جيڪا مرڻ گهڙي تائين جاري رهندي، اُن کان بعد 4 مارچ 2024 تي ڪراچي يونيورسٽي کان ڪراچي پريس ڪلب ۽ سنڌ اسيمبلي جو رُخ ڪَيو ويندو.
Next Post
You might also like