لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان کي برينڊ ايمبيسيڊر مقرر ڪري ڇڏيو.
شاداب خان جي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور سان ملاقات ٿي، ان موقعي تي آل رائونڊر کي اعزازي ڊي ايس پي جا رينڪ به لڳايا ويا.
شاداب خان اعزازي ڊي ايس پي مقرر ڪرڻ تي آءِ جي پنجاب کي سليوٽ ڪيو ۽ سندس ٿورا به مڃيا.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شاداب خان چيو ته مون کي پنجاب پوليس جو حصو بڻجڻ تي خوشي آهي، آءِ جي پنجاب ۽ پوليس کاتي مون کي اعزازي ڊي ايس پي بڻايو آهي، مون کي ان تي فخر آهي.
You might also like