ڇا اوهان کي خبر آهي ته دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مشهور ويب سائيٽ ڪهڙي آهي جيڪا انٽرنيٽ جا اربين واهپيدار استعمال ڪندا آهن؟
يقينن ان جو جواب گوگل آهي ڇو جو ان سرچ انجڻ جو استعمال سڄي دنيا ۾ اربين ماڻهو ڪندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو هر سال جي آخر ۾ سڄي دنيا جي مشهور ويب سائيٽ جو اعزاز گوگل جي حصي ۾ ئي ايندو آهي.
بس رڳو 2021ع ۾ حيران ڪندڙ طور تي ٽڪ ٽاڪ گوگل کي پوئتي ڇڏي دنيا جي مشهور ترين ويب ايڊريس جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو.
ٽڪ ٽاڪ فيبروري 2021ع ۾ پهريون ڀيرو سڀ کان وڌيڪ مشهور ويب سائيٽ جو اعزاز رڳو هڪ ڏينهن لاءِ حاصل ڪيو هو، پر مارچ ۾ ان وٽ اها پوزيسن وڌيڪ ڏينهن تائين برقرار رهي هئي.
ڪلائوڊ فيئر جي 2023ع جي مشهور ترين ويب سائيٽس جي لسٽ ۾ هڪ ڀيرو وري گوگل نمبر ون پوزيشن حاصل ڪئي آهي.
گوگل کان پوءِ فيسبڪ ٻئين ۽ ايپل ٽئين نمبر تي رهي.
هن سال ٽڪ ٽاڪ جي حصي ۾ چوٿون نمبر آيو جڏهن ته مائڪرو سافٽ پنجين ۽ يوٽيوب ڇهين نمبر تي رهيون.
ستين نمبر تي ايمازون ويب سروس، اٺين نمبر تي انسٽاگرام، نائين نمبر تي ايمازون جڏهن ته ڏهين تي آءِ ڪلائوڊ سائيٽ رهي.
Prev Post
You might also like