سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 900 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 18 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 771 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 328 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 13 ڊالر واڌ سان 2060 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.