ميلبورن ٽيسٽ کان اڳ پاڪستان لاءِ بُري خبر

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ پاڪستان ٽيم کي وڏو ڌڪ لڳي ويو، پرٿ ۾ ڊيبيو ڪندڙ خرم شهزاد فٽنيس مسئلن جو شڪار ٿي ويو آهي.
آسٽريليا خلاف پرٿ ٽيسٽ ۾ فاسٽ بالر خرم شهزاد ڊيبيو ڪيو هو، هن ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ مجموعي طور 5 وڪيٽون ورتيون هيون.
پرٿ ٽيسٽ دوران خرم شهزاد سائيڊ اسٽرين جو شڪار ٿيو، جنهن کانپوءِ هو فٽنيس مسئلن جو شڪار ٿي ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ترجمان موجب فاسٽ بالر جو ايم آر آءِ اسڪين ڪرايو ويو آهي، رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وڌيڪ تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 26 ڊسمبر کان ميلبورن ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.