پاڪستان ۾ رڳو عورت جي طلاق ٿيندي آهي مرد جي نه: ڪرن اشفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا ڪرن اشفاق اڳوڻي مڙس اداڪار عمران اشرف سان طلاق جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
ڪرن اشفاق هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ اداڪار عمران اشرف سان پنهنجي شادي ختم ٿيڻ جي حوالي سان ٻڌايو ته شادي ۾ گھڻا مسئلا هئا، مڙس جو سپورٽ ڪرڻ ضروري هوندو آهي جيڪو منهنجي شادي ۾ نه هو.
اداڪارا ٻڌايو ته منهنجي ماءُ مون کي هڪ ئي ڳالهه چوندي هئي ته برداشت ڪجان ۽ منهنجي ماءُ منهنجي پيءُ کي ڪجهه نه ٻڌائيندي هئي ڇو جو کيس خبر هئي ته جنهن ڏينهن منهنجي پيءُ کي خبر پئي ته اهو برداشت نه ڪري سگھندو ۽ ائين ئي ٿيو، منهنجي طلاق جي خبر پوندي ئي هو 5،6 ڏينهن اسپتال ۾ داخل رهيو، طلاق جي ڪري ذهني اذيت ۾ مبتلا رهيس ۽ منهنجي ايتري همت نه هئي جو آئون پنهنجن ڀائرن سان ڳالهايان.
ڪرن اشاف جو چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ رڳو ڇوڪريءَ جي طلاق ٿيندي آهي ڇوڪري جي نه، ماڻهو مون کي چوندا آهن ته مسئلا هئا ته پهريان ڇو نه ڇڏيئيس، ڇو جو منهنجي امي نه پئي ڇڏڻ ڏئي، برداشت ڪرڻ جو ئي چوندي هئي، مون کي 5 سالن ۾ ڪنهن به قسم جي تقريبن ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.