پاڪستان ريلوي جي مسافرن لاءِ خوشخبري

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز طرفان پشاور کان ڪراچي لاءِ عوام ايڪسپريس ٽرين بحال ڪئي وئي.
ريلوي اختيارين موجب عوام ايڪسپريس ڪينٽ ريلوي اسٽيشن کان ڪراچي لاءِ رواني ڪئي وئي آهي.
اختيارين ٻڌايو ته ٽرين 360 مسافر کڻي 35 ڪلاڪن ۾ ڪراچي پهچندي، عوام ايڪسپريس ۾ 1500 مسافرن جي گنجائش آهي ۽ هر مسافر جو ڀاڙو 4 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
ريلوي اختيارين موجب عوام ايڪسپريس سروس آگسٽ 2022 ۾ ٻوڏ سبب بند ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.