پاڪستان ۽ افغانستان ان نتيجي تي پهتا آهن ته دهشتگردي جو ترت خاتمو ضروري آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڳالهين کانپوءِ پاڪستان ۽ افغانستان ان نتيجي تي پهتا آهن ته دهشتگردي جو ترت خاتمو ضروري آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جو بنيادي مقصد دهشتگردي واري مسئلي جو خاتمو آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي سالن کان ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقن کي متاثر ڪري رهي آهي.
هن چيو ته گذريل هفتي دهشتگردي جو مسئلو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي جهيڙي تائين پهچي ويو هو، بهرحال هاڻي ٻئي ملڪ ان نتيجي تي پهتا آهن ته دهشتگردي جو ترت خاتمو ضروري آهي.
خواجا آصف جو چوڻ هو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي تي ظابطو آڻڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪندا، ٻي صورت ۾ علائقي جي امن کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا.
بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته هي معاهدو بنيادي طور قطر ۽ ترڪي جي ٽياڪڙي سان ٿيو آهي ۽ ان لاءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، ترڪ صدر طيب اردگان ۽ ترڪ وفد جي سربراهه ابراهيم جا ٿورائتا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.