استادن پاران امتحانن جو بائيڪاٽ، سنڌ يونيورسٽي جا شاگردن رستن تي نڪري آيا، ڌرڻو

ڄامشورو (رپورٽ : صدر الدين جوڻيجو) مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن پاران امتحانن جي بائيڪاٽ جو بائيڪاٽ  ڪندي سوين شاگرد رستن تي نڪري آيا، سنڌ يونيورسٽي جي سوين شاگردن احتجاج ڪندڙ استادن خلاف  آرٽس فيڪلٽي کان وائيس چانسلر هائوس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وائيس چانسلر هائوس آڏو وائيس چانسلر روڊ تي ڌرڻو هنيو، جتي استادن پاران امتحانن جي بائيڪاٽ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ استادن جي فيصلي کي رد ڪيو ويو، شاگرد اڳواڻن هالار جمالي، سرمد نوحاڻي، زاهد ڪيريو، امر آڪاش لاکو ۽ علي ابڙو جو چوڻ آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي استادن جو شاگردن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، امتحانن جو بائيڪاٽ تعليم دشمن فيصلو آهي، جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته استادن تي ايف آئي آر ٿي آهي ته استادن بائيڪاٽ ڪيو آهي پر ساڳي ايف آئي آر ۾ 15 شاگرد به نامزد آهن اسان ته اهڙا فيصلا ناهن ڪيا، اسين سوٽا پاران امتحانن جي ڪيل بائيڪاٽ جي خلاف آهيون ۽ اسين استادن جي بائيڪاٽ جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهيون، يونيورسٽي اندر پيپرن جو بائيڪاٽ وڏي غلطي آھي، اھڙي عمل ذريعي اسان شاگردن جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي ساک خراب ٿئي ٿي، پيپر نه وٺڻ جو بائيڪاٽ واپس وٺي پيپر ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ هزارين شاگرد اساد استادن خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻندا.

شاگردن سان گڏ ڪيس ۾ نامزد ٻن استادن ضمانت لاءِ تياري ڪري ورتي

ڄامشورو :سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي سرڪار پاران داخل ڪيس ۾ 15 نامزد شاگردن سوڌو 70 شاگردن ۽ ٻن  استادن تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪيس ۾ نامزد استادن گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ تياري ڪري ورتي آهي، جنهن لاءِ استادن هاسٽل پرووسٽ پروفيسر ڊاڪٽر پسند علي کوسو ۽ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئر ڊاڪٽر محمد يونس لغاري مٿانھين عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪري ورتيون آهن، سندن موجب ڪيس کي قانوني طريقي سان منهن ڏنو ويندو.

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ملتوي ڪيل پيپر ٻيهر وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ ملتوي ڪيل پيپر ٻيهر وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب استادن جي احتجاج ۽ پيپرن جي بائيڪاٽ سبب18 ۽ 19 ڊسمبر تي ملتوي ڪيل پيپر ٻيهر وٺڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪالهه 19 ڊسمبر تي رٿيل پيپر هاڻي اڄ 20 ڊسمبر تي ورتو ويندو جڏهن ته 18 ڊسمبر تي رٿيل پيپر سڀاڻي 21 ڊسمبر تي ورتا ويندا ويندا. وڌيڪ لاءِ شاگردن کي پنهنجي پنهنجي شعبن جي سربراهن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ٻن استادن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي سوٽا جو ٻئي ڏينهن به احتجاج

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي شاگردن سان گڏ ڪيس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٻن اُستادن ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئر  ڊاڪٽر يونس لغاري ۽ هاسٽل پروسٽ ڊاڪٽر پسند کوسو کي ايف آئي آر م نامزد ڪرڻ خلاف استادن ڪالهه ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري رکيو، سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سوٽا) جي بائيڪاٽ سبب سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران رٿيل سيمسٽر پيپر ملتوي ڪيا ويا هئا جنهن سبب يونيورسٽي ۾ سناٽو ڇانيل رهيو. ٻئي طرف سوٽا صدر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، ڊاڪٽر تانيه مشتاق، ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، عرفانا ملاح ۽ ٻين استادن جي اڳواڻي ۾ استادن علامه آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريري زيرو پوائنٽ کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي فزڪس شعبي وٽ پهتي ته سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق احمد ڄاريڪو سوٽا قيادت سان ڳالهيون ڪري استادن مٿان داخل ڪيس مان نالا ختم ڪرائڻ لاءِ 5 ڏينهن جي مهلت گهري، ان موقعي تي استاد اڳواڻن ڊاڪٽر رفيق لاشاري، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، ڊاڪٽر ثانيا مشتاق، ڊاڪٽر قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر رفيق چانڊيو، ڊاڪٽر بشير ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالرزاق ڇڇر، ڊاڪٽر شجاع مهيسر  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته استادن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ تي ايس ايڇ او نياز پنهور کي هٽائي ڪيس کي خارج ڪيو وڃي، ڄامشورو پوليس پاران ثقافتي ريلين ۽ نعريبازي تي اڪسائڻ جي الزام ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٻن استادن ڊاڪٽر يونس لغاري ۽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو کي ايف آئي آر نامزد ڪيو ويو آهي، معزز استادن مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي شديد مذمت ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.