اڳوڻو ايم اين اي ابراهيم جتوئي ۽ عابد جتوئي جي يو آءِ ۾ شامل

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور جي سياست نئون رخ اختيار ڪري ورتو ،اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي،اڳوڻو  صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ مير عابد حسين جتوئي،ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر امير علي خان جتوئي ٽائون ڪاميٽي خانپور جو چيئرمين مھدي حسن خان جتوئيءَ سميت ڪيترن ئي ڪائونسلرن چيئرمينن وائيس چيئرمينن۽ برادريءَ جي چڱن مڙسن  جتوئي ڀائرن ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ۽ عابد حسين جتوئي جي قيادت ۾ جي يو آء ۾ شامل ويا ، جتوئي ھائوس شڪارپور جي يو آءِ جو مرڪز بڻجي ويو جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو سان گڏ جتوئي هائوس تي شموليت جو اعلان ڪيو.  ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو جي موجودگي۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي يو آءِ ۾ شموليت ڪئي آھي, مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ ملڪ جي خدمت ڪنداسين, مولانا راشد محمود سومرو يو ت ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي, جتوئي ڀائرن جي شموليت سان جماعت جي قد ڪاٺ ۾ اضافو ٿيو آھي. جي يو آئي سنڌ جو اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو سندس ڀاء ناصر محمود سومرو , مولانا عبدالله مهر جن جتوئي هائوس شڪارپور پهچي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ۽ سندس ڀائيٽو امير علي جتوئي جن سان ملاقات ڪئي جنهن بعد گڏيل طور پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي پنهنجي خاندان سميت جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو . هن چيو ته جتوئي ڀائر ھاڻي جي يو آئي جي چونڊ نشان ڪتاب تي چونڊ وڙھندا ۽ ھو شڪارپور جي جيترن ۽ جهڙن تڪن تي به اليڪشن ۾ بيهن جماعت انهن کي ٽڪيٽون ڏيندي, هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ ۾ جهڙي نموني ڊي آر اوز ۽ آر اوز جون مقرريون ڪيون ويون آھن خدا ڪري اهي صحيح نموني چونڊ ڪرائن.هن چيو ته اسان جو جهيڙو ۽ مقابلو سنڌ جون زمينو کپائيندڙن, ڌاڙيل راڄ پيدا ڪندڙ جاگيردارن سان آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.