سيالڪوٽ(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي والده خواجا آصف تي حملي جا الزام هنيا آهن. وڊيو بيان ۾ عثمان ڊار جي ماءُ چيو ته ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي خبر ٻڌي 20 ماڻهو منهنجي گهر موڪليا ويا، ته حملي آورن گهر جو دروازو ٽوڙي منهنجي قميص ڦاڙي ڇڏي، خواجا آصف هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي گهر تي حملو ڪيو، چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ ضرور ويندس. اليڪشن لاءِ ڪاغذ کڻي، جيل به وينديس ۽ اليڪشن وڙهندس.هوڏانهن عثمان ڊار به چيو آهي ته هو چونڊون ضرور وڙهندا، چونڊن کان نه ٿا ڀڄن، هو پنهنجي ماءُ سان گڏ آهي.