ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي حلف برداري تقريب ٿي، جسٽس عقيل احمد عباسي کي گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري حلف کڻايو، حلف برداري تقريب ۾ نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، چيف سيڪريٽري سنڌ فخر عالم، قانون وارو وزير عمر سومرو، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ رفعت مختار، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند ۽ ٻيا تقريب ۾ شريڪ ٿيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جسٽس نديم اختر، شفيع صديقي، نعمت الله ڦلپوٽو ۽ ٻيا جج تقريب ۾ شريڪ ڪيا، حلف برداري تقريب لاءِسنڌ هاءِ ڪورٽ جي لان ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا هئا، سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عقيل عباسي حلف کڻڻ کانپوءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي پهچي ويو، چيف جسٽس کي قائد اعظ۾ جي مزار تي گاڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، عقيل احمد عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان واعدو ڪري رهيو آهيان ته انصاف ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ميڊيدا کي چوان ٿو ته سٺي رپورٽنگ ڪري، مايوس نه ٿيڻ گهرجي، غلط خبرون ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي، الله جي ذات تي يقين رکان ٿو.