سنڌ جي زمين ليز  تي ڏيڻ واري عمل کي سنڌي ماڻھن رد ڪري ڇڏيو

سنڌ يونائٽيڊ پارٽي سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ واري عمل کي رد ڪري ڇڏيو آھي. ڇنڇر واري ڏينھن تي سنڌ جي مخلتف شھرن ۾ ھزارين ماڻھن مظاھرا ڪري اھڙي رٿ جي  خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.مرڪزي مظاھر کي خطاب ڪندي پارٽي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو تھ پ پ سنڌ تان هٿ کڻي وئي آهي پر اسان نه کڻنداسين.ھن  چيو ته ان پراجيڪٽ سان سنڌ جي ساڍا 13 لک ۽  پاڪستان جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪجهه بزنس مينن ۽ ڪجهه  خانگي ادارن کي ڏني پئي وڃي اھو عمل ڪنھن بھ ريت عوام جي مفاد ۾ ناهي. سيد زين شاھ جو چوڻ ھو تھ جيڪڏهن  توهان ٻاهرين ملڪن کي زمينون 30 سال ليز تي ڏئي ڇڏيندئو ته ڌرتي جي مالڪي، زراعت جي مالڪي ختم ٿيڻ سان گڏ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو پريشان ٿيندا ۽ ڏنل زمين لاءِ پاڻي موجوده سسٽم مان ويندو ۽ موجوده سسٽم غير آباد ٿي ويندو. ڪجهه ايسٽ انڊيا جهڙين ٻاهرين ڪمپنين جي دلچپسي اسان کي غلامي ۽ محرومي ڏيندي.

ھن جو چوڻ ھو تھ اسلام آباد ۾ ويهي اهو چئي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو هو ته اهو ملڪ جي مفاد ۾ آهي پر ان جي  نتيجي ۾ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. حڪمرانن کي خبردار ڪريون ٿا ته اهڙا منصوبا نه آندا وڃن جيڪي ملڪ جي عوام جي خلاف هجن، ڪارپوريٽ فارمنگ عوام سان فراڊ آهي،  اڄ اوهان پنهنجي غلط فيصلي تي ضد نه ڪريو ملڪ جي ماڻھن کي نقصان ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ملڪ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا،ھن مطالبو ڪيو تھ اختياريون رٿيل اھڙي رٿ تي  نظرثاني ڪن.

سنڌ ھڪ اھڙو صوبو آھي جتي وڏي عرصي کان زمينون مختلف بھانن سان انعام ۽ نيلام جي ذريعي ڏنيون وينديون رھيون آھن،جنھن سان مقامي ماڻھن جي حق تلفي ٿي آھي.جنھن تي ھاڻي سنڌ جو ماڻھو اھڙي عمل تي گھڻو حساس ٿي ويو آھي.نھ رڳو ايترو پر ويجھڙائي ۾ ڪجھھ ڌرين ۽ ادارن کي سنڌ ۾ تعميرات جي شعبي ۾ زمينون سستي اگھھ تي ڏنيون ويون،جنھن سان ماحولياتي بگاڙ سان گڏ سنڌ جي  وسيلن تي بار پيو آھي.

اختيارين کي ھن حساس نوعيت جي معاملي کي ڪنھن بھ طرح نظر انداز نھ ڪرڻ گھرجي.ڇاڪاڻ جو ھاڻي سنڌ جو ماڻھون باشعور آھي ۽ اھو پنھنجي حقن جي حفاظت جي لاءِ ميدان ۾ موجود آھن.

اھڙي ڪنھن بھ وڏي رٿا کي ھڪ اھڙي حڪومت منظوري ڏئي رھي آھي جنھن وٽ اھڙو ڪو مينڊيٽ بھ آھي، سمورين سياسي ڌرين پاران اھڙي عمل جي شديد مخالفت بعد ھاڻي اھو فيصلو ٿي چڪو آھي تھ سنڌ جو عام ماڻھو اھڙي ڪنھن بھ سنڌ دشمن فيصلي کي قبول نھ ڪندو.

سنڌ جي ٽيسٽ پاس ڪيل  استادن جي دانھن

سنڌ ۾ پرائمري سطح جي تعليم ڳچ وقت کان متاثر ٿي رھي آھي.جنھن جو ھڪ سبب  سنڌ ۾ قائم ڪيل اسڪولن جي لاءِ عمارتون نھ ھجڻ يا انھن جو فعال نھ ھجڻ آھي، اھڙي ريت استادن جي کوٽ بھ ھڪ اھم سبب آھي.گذريل پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.جنھن بعد ٿرڊ پارٽي کان ان جي ٽيسٽ ورتي وئي.جنھن دوران جوڙيل مختلف پاليسين جي نتيجي ۾ ھن وقت بھ لڳ ڀڳ 25 ھزار استادن کي ٻن سالن کان آفر ليٽر نھ مليو آھي يا وري انھن کي جوائننگ نھ ملي سگھي آھي. گڏ ڪيل معلومات موجب سنڌ ۾ حڪومت پاران لڳاتار نوڪرين تي بندش ھئڻ جي ڪري استادن جي کوٽ پئدا ٿي آھي.حڪومت پاران استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ جوڙيل پروگرام موجب آءِ بي اي کان ٽيسٽ ورتي وئي.ان بعد آءِ بي اي، سال 2021 ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ، جي ڀرتي جي لاءِ جدا جدا ٽيسٽون ورتيون ويون.ان دوران سنڌ ڪابينا جي منظوري سان پاليسي جوڙي وئي تھ 40 سيڪڙو ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي نوڪري ڏني ويندي.ان دوران ئي ڪجھه تعلقن کي ھارڊ ايريا تعلقا قرار ڏئي ڪري اتي 33 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي نوڪرين ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.جنھن بعد ھارڊ ايريا قرار نھ ڏنل تعلقن جي اميدوارن عدالت جو در کڙڪايو. ان وچ ۾ ئي سنڌ سرڪار جن تعلقن ۾ 40 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل نھ ڪندڙ اميدوارن جي شرح گھٽ ھجڻ ڪري انھن تعلقن ۾ ٻيھر ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.پر انھن تعلقن جي 40 سيڪڙو کان گھٽ مارڪون کڻندڙ يا 33 سيڪڙو مارڪون کڻي ٻيھر ٽيسٽ ۾ فيل ٿي ويل اميدوارن کي 33 سيڪڙو تي نوڪرين ڏيڻ جي لاءِ اميدوارن عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي.سنڌ حڪومت جي آخري ٻن ھفتن ۾ سرڪار نوڪرين جي ڀرتي تي بندش جو فيصلو ڪيو ويو.جيڪو اڃان تائين برقرار آھي.حڪومت جي اھڙي فيصلي سبب ھن وقت بھ 40 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ 25 ھزار کان وڌيڪ اميدوار آفر ليٽر ۽ جوائننگ نھ ملڻ جي ڪري پريشان آھن.ان سلسلي ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪندي بند اسڪول کولرائڻ بابت ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جو حڪم  ڏنل آھي.جنھن ۾ 40 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ استادن اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم شامل آھي پر ان بعد سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ درخواستن داخل ٿيڻ بعد اھو عمل رڪيل آھي.

متاثر ٿيل اميدوارن موجب سنڌ حڪومت آخر ۾ بنا جواز جي ڀرتين جي عمل کي روڪي ھزارين نوجوانن جي مستقبل سان کيڏيو ويو آھي تھ ٻئي پاسي حڪومت جي انتظام ۾ ڪم ڪندڙ اسڪول بند ھجڻ ڪري تعليم متاثر ٿي رھي آھي.

ھي ھڪ حساس معاملو آھي پر سياسي مفادن جي ڪري سياسي ڌريون ان معاملي کي بگاڙي رھيون آھن، اختيارين کي ھن معاملي ڏانھن ڌيان ڏيندي ان جو حل ڳولڻ گھرجي.جئين تعليم جي عمل کي رڪجڻ کان روڪي سگھجي جيئن تھ ھي لکين ٻارن جي تعليم ۽ انھن جي مستقبل جو سوال آھي ان ڪري اميد ڪجي ٿي تھ لاڳاپيل اختياريون ھن سلسلي ۾ خاص ڌيان ڏئي ان کي حل ڪنديون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.