عدالت غير شرعي نڪاح ڪيس جي جيل ٽرائل جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيشن عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي غير شرعي نڪاح ڪيس جي جيل ٽرائل جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس ۾ سول جج قدرت الله پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ بشريٰ بي بي جو وڪيل عثمان گل پيش ٿيو.
عثمان گل عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي لاهور ۾ آهي ۽ عدالت ۾ پيش نٿي ٿي سگهي، جنهن تي عدالت چيو ته عمران خان جيل ۾ آهي، بشريٰ بي بي ته جيل ۾ ناهي.
وڪيل چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي بشريٰ بي بي پيش ٿي ويندي، ضمانتي مچلڪا تيار آهن پر صحيحون ناهن ٿي سگهيون.
عدالت چيو بشريٰ بي بي واقعي بيمار آهي ته درخواست سان گڏ ميڊيڪل رپورٽ ڏيو، جيل مان عمران خان بابت رپورٽ اچي وڃي ته ڏسي ٿا وٺون.
عثمان گل چيو ته جيڪا رپورٽ اچڻي آهي، ان بابت توهان کي به خبر آهي ۽ اسان کي به، جنهن تي جج چيو ته مون کي ناهي خبر ڪهڙي رپورٽ اچڻي آهي، ڪوشش ڪيو ته عدالت ۾ رڳو هن ڪيس بابت ڳالهايو.
عثمان گل اپيل ڪئي ته لاهور مان اچڻو پوندو آهي، تاريخ ڊگهي ڏيو يا موڪلن کانپوءِ ٻڌڻي رکو، جنهن تي عدالت چيو ته ڪجهه وقت لاءِ اسلام آباد ۾ مسواڙ جي جاءِ وٺو، موڪلن کان اڳ هڪ ٻڌڻي رکنداسين.
پوءِ جيل اختيارين عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو جواب جمع ڪرايو.
جيل سپرنٽينڊنٽ پنهنجي جواب ۾ چيو ته سيڪيورٽي ٿريٽ تي پي ٽي آءِ باني کي پيش نٿا ڪري سگهون، ان حوالي سان پوليس اختيارين کي به خط لکيو ويو آهي.
عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ جيل ٽرائل جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.