انساني دماغ جيان ڪم ڪندڙ دنيا جو پهريون ڪمپيوٽر تيار

اسان جو دماغ گھڻو حيران ڪندڙ هوندو آهي جيڪو هر سيڪنڊ ۾ کربين ڪم ڪندو آهي ۽ ان لاءِ تمام گھٽ توانائي خرچ ڪندو آهي.
هڪ ڪاٿي موجب پنهنجي فعلن لاءِ دماغ رڳو 20 واٽ توانائي استعمال ڪندو آهي.
انهيءَ کي ڏسندي سائنسدانن دنيا جو پهريون اهڙو سپر ڪمپيوٽر تيار ڪيو آهي جيڪو انساني دماغ جي سطح تي نيٽورڪس کي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آسٽرليا جي سائنسدانن اهو سپر ڪمپيوٽر تيار ڪيو آهي جنهن کي ڊيپ سائوٿ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ويسٽرن سڊني يونيورسٽي جي ماهرن پاران تيار ڪيل اهو سپر ڪمپيوٽر ايندڙ سال ڪم شروع ڪندو.

World's first human brain-scale neuromorphic supercomputer is coming
سائنسدانن موجب اهو ڪمپيوٽر في سيڪنڊ 228 ٽريلين آپريشنز ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو جيڪو انساني دماغ جي فعلن جي برابر آهي.
کين اميد آهي ته ان ڪمپيوٽر سان اهو سمجهڻ ۾ مدد ملندي ته اسان جو دماغ ايترن گھڻن تفصيلن جو تجزيو ڪرڻ جي باوجود ايتري گھٽ توانائي خرچ ڇو ڪندو آهي.
جيڪڏهي هو اهو ڄاڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ اهي مستقبل ۾ اهڙو مشيني دماغ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا جيڪو انساني دماغ کان به وڌيڪ طاقتور هوندو.
ان تحقيقي ڪم سان انساني دماغ جي فعلن کي سمجهڻ ۾ به مدد ملندي.
محققن ٻڌايو ته اسان کي هيل تائين خبر ناهي پئجي سگھي ته اسان جو دماغ خلين کي ڪيئن پنهنجن فعلن لاءِ استعمال ڪندو آهي، جنهن سبب اسان ان جهڙا ڪمپيوٽر نيٽورڪ تيار نه پيا ڪري سگھون.
سندن وڌيڪ چوڻ هوته روايتي ڪمپيوٽرز ۾ گرافڪس پروسيسنگ يونٽس ۽ ملٽي ڪور سينٽرل پروسيسنگ يونٽس استعمال ڪيا ويندا آهن جيڪي گھڻي سستي سان ڪم ڪندا آهن ۽ تمام گھڻي توانائي به خرچ ڪندا آهن، پر اسان جو ڪمپيوٽر ان کي تبديل ڪري ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.