شان مسعود پرٿ ٽيسٽ ۾ شڪست جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

پرٿ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته اسان کي شڪست مان سکڻو پوندو، آسٽريلوي بالرن جيئن بالنگ ڪئي، اسان کي به ائين ئي ڪرڻ گهرجي ها.
ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته اسان سلو بيٽنگ ڪئي، اسان کي ٿوري تيز بيٽنگ ڪرڻ گهرجي ها، سلو بيٽنگ سبب نقصان ٿيو پر ايندڙ ميچ ۾ واپسيءَ جي ڪوشش ڪنداسين.
هن چيو ته عامر جمال ۽ خرم شهزاد ڊيبيو تي سٺي بالنگ ڪئي، اميد ته ايندڙ ميچن ۾ وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.