بابر اعظم جو نئون رڪارڊ، ميانداد، يوسف ۽ انضمام کان به اڳتي نڪري ويو

پرٿ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ وڏو اعزاز ماڻي ورتو، هو تيز ترين 13 هزار انٽرنيشنل رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو.
بابر اعظم 301 اننگز ۾ 13 هزار انٽرنيشنل رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون پاڪستاني بيٽر بڻجي ويو، ان کان اڳ اهو رڪارڊ جاويد ميانداد وٽ هو، جنهن 305 اننگز ۾ 13 هزار رنسون ٺاهيون.
محمد يوسف 322، انضمام الحق 352، جڏهن ته يونس خان 372 اننگز کيڏي اهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.
واضح رهي ته بابر اعظم پرٿ ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 21 ۽ ٻي اننگز ۾ رڳو 14 رنسون ٺاهي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.