نيلم منير جو زخمي ڄنگهه سان ريمپ تي واڪ ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا نيلم منير انڪشاف ڪيو آهي ته هن ٽٽل گوڏي جي باوجو ”برائيڊل ڪيٽيور ويڪ 2023ع“ ۾ ريمپ تي واڪ ڪيو.
هر سال جيان، هن ڀيري به ”برائيڊل ڪيٽيور ويڪ 2023ع“ جو ميلو لاهور ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ پاڪستان جي ناليوارين شخصيتن، ٽڪ ٽاڪرز، يوٽيوبرز ۽ سوشل ميڊيا اسٽارز مشهور فيشن ڊزائنرز جي ڪپڙا پهري ريمپ تي پنهنجي حسن جا جلوا وکيري رهيا آهن.
لاهور ۾ جاري ”برائيڊل ڪيٽيور ويڪ 2023ع“ ۾ نيلم منير، مهوش حيات، طوبيٰ انور، ڪنزا هاشمي، جويريا سعودي، ريشم، صبا قمر، آمنه الياس، درفشان سليم، لائبه خان، حرا ماني، ربيڪا خان، ايمان علي، زويا ناصر، احسن خان، فلڪ شبير سميت ٻين فنڪارن مشهور ڊزائينرز لاءِ ريمپ تي واڪ ڪيو.

نیلم منیر ریمپ واک سے پہلے زخمی ہوگئیں: فوٹو : ویب ڈیسک
”برائيڊل ڪيٽيور ويڪ 2023ع“ واڪ کان پوءِ نيلم منير انسٽاگرام تي پنهنجي سيلفي پوسٽ ڪئي، سيلفي ۾ هوءَ ڪنوار جي جوڙي ۾ آهي جنهن ۾ هن واڪ ڪيو هو.
نيلم منير پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ”برائيڊل ڪيٽيور ويڪ 2023ع“ جي فائنل واڪ کان اڳ هن کي گوڏي ۾ فريڪچر ٿي ويو هو پر ان جي باوجود هن زخمي گوڏي سان واڪ ڪئي.
اداڪارا چيو ته هوءَ پوسٽ ان ڪري ڪري رهي آهي ته جيئن اسان هر ڪنهن جي ڪم۽ محنت لاءِ ان جي حوصلا افزائي ڪريون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.