ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي وارن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي، ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) پيپلز اسڪاءِ ويو هائونسگ پراجيڪٽ جا اگهه 20 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڊي جي ڪي ڊي اي موجب پارڪنگ پلازا کي آباد ڪنداسين، جڏهن ته نئين سال کان اڳ ڪمپيوٽرائزڊ لينڊ رڪارڊ سسٽم جو افتتاح ٿي ويندو.
ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ دوران نويد انور چيو ته ڪراچي وارن لاءِ پنهنجي گهر جو خواب ضرور پورو ٿيندو، پيپلز اسڪاءِ ويو پراجيڪٽ جا اگهه 20 سيڪڙو گهٽ ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته جعلي فائلز ۽ جعلي تصديق جو وقت گذري ويو، ڪمپيوٽرائزڊ لينڊ رڪارڊ سسٽم تي 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته لائنز ايريا پارڪنگ پلازا کي آباد ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، سرجاڻي ۾ نئين انڊسٽريل زون لاءِ 85 ايڪڙ زمين ڏئي سگهون ٿا، جڏهن ته ايندڙ 15 ڏينهن اندر سيڪٽر 8 تي قابض مافيا خلاف ڪارروائي شروع ڪنداسين.
You might also like