بنگلاديش ڪالهه ۽ اڄ

تحرير: سراج ڪلھوڙو

غلاميءَ کي ڪي سڱ ته نه ٿيندا آھن جيڪي ڪنھن غلام قوم  جي فردن جي مٿي تي اڀري اچن . ڪلھوڪو ڏينھن آھي ته بنگال پاڪستان جو حصو ھيو ، ۽ بنگالي انتھائي ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ھئا. بنگالين جي ھڪ آبادي وڌيڪ ٻيو وسيلن جي کوٽ ۽ ويتر سندن مٿان پنجاب جي بالادستي ، انھن معاملن بنگالين جي زندگين کي جھنم بڻائي ڇڏيو ھيو .جيڪي  بکيا بنگالي جي نالي سان سڃاتا ويندا ھئا،  سندن عورتون ماني ڳڀي جي حاصلات لاءِ پئي قربان ٿينديون ھيون .

بنگالين کي به مذھب جو مٿي ۾ ڀت رڌل ھيو ۽ ھنن به سنڌ جيان مذھب جي بنياد تي ھندستاني مسلمانن جي ڳالھين ۾ اچي گڏيل رياستون  بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ھيو ۽  پھرين ڏينھن تي ئي سنڌين جيان ساڻن به ڊوھ ڪيو ويو. پر بنگالي ھڪڙي معني ۾ خوش قسمت ھئا جو ھو تعداد ۾ به وڌيڪ ھئا ته گهڻو وٿيرڪا به ھئا ته وٽن وسيلا به ڪي گهڻا ڪو نه ھئا سو ٻن اڍائي ڏھاڪن کان پوءِ پاڻ ئي بنگالين مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيائون.

وڏي اجرچ جي ڳالھ اھا ھئي ته ھو بنگالين کي ڌار ڪرڻ لاءِ تيار ٿين پيا پر بنگالي کين چون پيا ته اسان ڌار نه ٿيندا سين . ستر واري اليڪشن کان پوءِ ادھر تم ادھر ھم جو ڀٽو صاحب کان نعرو ھڻايو ويو پر تڏھن به بنگالي گڏ رھڻ جا خواهش مند ھئا . نيٺ بنگالين تي سخت آپريشن ڪري ٽيهھ لک بنگالين کي موت جي ننڊ سمھاري لکين نياڻين جي عزتن کي تار تار ڪيو ويو. ۽ کين ڌڪي ڌار ڪيو ويو.

پاڪستان جي نالي ۾ پنجابي پناھگير مستقل مفاد جيڪو ٻن اڍائي ڏھاڪن کان خاص طور سنڌ بنگال وغيره ۾ جبر ۽ ناانصافين جو سلسلو جاري رکيو ھيو ان کي مستقل جاري رکڻ سندن وس ۾ ڳالھه نه ھئي تنھن ڪري ھنن بنگالين مان جان ڇڏائڻ جو پھه ڪري ورتو ھيو پر بنگالي سندن جان ڇڏڻ بدران سموري سسٽم کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ جا خواهش مند ھئا. پر ائين ٿيڻ سان سندن خواب چڪناچور ٿيڻ جو چٽو امڪان ھيو ، تنھن ڪري ئي ھنن ڀٽي صاحب جي ڀٽي ٺپري کانئس ادھر تم ادھر ھم جو نعرو بلند ڪرايو. پر جڏھن ائين ٿيڻ بدران شيخ مجيب الرحمان يحي خان کان ڍاڪا ۾ اسيمبليءَ جو اجلاس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪرايو ته ھمراھ مڇرجي پيا ۽ وري به ڀٽي صاحب جي زبان استعمال ڪندي چيو ويو ته  جيڪو به ڍاڪا ويندو ته ان جو ٽنگون ڀڳيون وينديون. ائين ڍاڪا ۾ اجلاس ته نه ٿيو پر ڍاڪا وارن کي سموري ملڪ تي حڪمراني جا خواب ڏسڻ جي ڏوھ ۾ رت سان وهنجاريو ويو. ڍاڪا سميت سڄي بنگال ۾ لاشن جا سٿڙ ٿيندا رھيا. نوجوانن توڙي پوڙهن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو ته عورتن کي گھلي سندن عزتن کي تار تار ڪيو ويو. ڪا گهٽي ڪو علائقو ڪيس کان بچيل نه ھيو. بنگالين جو ڪوس گهٽجڻ جو نالو نه پيو وٺي.

ھتي ھي ڳالهھ  به ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته جيتوڻيڪ بنگالين يعني شيخ مجيب الرحمان جو سياسي پروگرام ڪنھن سان به ڪو ڏاڍ يا ناانصافي وارو نه ھيو. ھن جي پروگرام جا ڇھه نقطا ھئا،انھن ئي ڇھن نقطن جو چاليھن جي قرارداد لاھور ۾ ذڪر ھو ۽ خاص طور سنڌ ۽ بنگال ان ئي بنياد تي مسلم ليگ جو ساٿ ڏئي پاڪستان جي قيام کي ممڪن بڻايو ھو پر قيام پاڪستان کان اڳ ئي قرارداد لاھور کان  منهن موڙي سنڌ بنگال سان زيادتيون ۽ ناانصافين جو ھڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ڪيو ويو ھيو. جنھن ڪري ھڪ پاسي سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ انھن  ناانصافين خلاف جدوجھد ڪري رھيو ھيو ته بنگال ۾ وري شيخ مجيب الرحمان اڀري آيو. صدر ايوب کان پوءِ ملڪ ايترو انتشار جي ور چڙھي چڪو ھيو جو ان کي ساڳئي انداز ۾ برقرار رکڻ ممڪن نه ھو ۽ ڀٽي صاحب کي اقتدار جو آسرو ڏئي ميدان تي لاٿو ويو ۽ بنگال جو ڪنڊو پنھنجي ڪنڌ مان ھميشه  لاءِ ڪڍڻ جو جھڙوڪ طئي ڪيو ويو. جنھن جو مٿي ذڪر ڪيل آھي.

بنگالين جي ڪوس ۽ ڪيس خلاف سنڌ ۾ به تاءُ ھيو سائين جي ايم سيد سميت سنڌ جو شعور بنگالين جو سرعام ساٿاري بڻيل رھيو پر پنجاب جو وڏو ترقي پسند ۽ ڪميونسٽ شاعر فيض احمد فيض به پنجابي شائونسٽ بڻجي بنگالين جي ڪيس جو طرفدار ٿيو ۽ ھن لينن ايوارڊ واپس ڪري ڇڏيو.

ھڪ پاسي اھو ته  ٻئي نعپ جي پٺاڻ قيادت جيڪا به ڪميونزم جا ڪمبل ۽ ترقي پسنديءَ جا توٻرا منھن تي چاڙھيو رنڀندي ھئي تن پڻ مجيب الرحمان جي ڇھن نقطن جي اھو چئي مخالفت ڪئي ته ائين ٿيڻ سان پٺاڻن کي سنڌ مان نڪرڻو پوندو …

نيٺ ھندستاني فوجون جڏھن بنگال ۾ داخل ٿيون ان کان پوءِ وڃي اسان جي جوانن جو جوش به ٿڌو ٿيو ته سندس ھوش به ٺڪاڻي آيو ۽ نوي ھزار فوجي جوانن ھندستاني فوج آڏو ھٿيار ڦٽا ڪري دنيا ۾ پنھنجي شجاعت  جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا .. ۽ نه چاھيندي به  بنگلاديش الڳ ٿي ويو…

جڏھن بنگال الڳ ٿيو ته وٽن ڪجهھ به نه ھيو هتان جا ماڻهو شروعات ۾ مٿن ٺٺول ڪندا رھيا ، پر شيخ اياز چواڻي ته

تون ڇا ڄاڻين ڇيڳرا ته آزادي ڇا ھي

ڏٺي تو ناھي شايد ڪار ڪنڀار جي

جو جڏھن اھي بکيا بنگالي پنھنجي وطن جا فيصلا پاڻ ڪرڻ ۾ آزاد ٿيا پنھنجي وسيلن جا مالڪ پاڻ ٿيا ته ٽيھن سالن جي اندر بنگال ڪر موڙڻ لڳو ۽ اڄ بنگلاديش پاڪستان کان ته ھزارين ڀيرا مضبوط معيشت ۽ دنيا ۾ پنھنجو پاڻ مڃائڻ واري ملڪ طور نمايان آهي.

بنگلاديش اڄ دنيا جي 33 هين معاشي طاقت  آهي نه صرف ايترو پر دنيا جي سڀ کان وڌيڪ تيزي سان اڀرندڙ جي ڊي پي گروٿ به انهن وٽ آهي جنهن جي تيزي جي رفتار 8.3 آهي

ان سان گڏ هن وقت بنگالي قوم ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان تيزي سان اڀرندڙ معشيت  ۽ دنيا جي تيز ترين ناڻي جا ذخيره گڏ ڪندڙ قوت آهي ۽ سڀ کان حيرت جي ڳالهھ ته اڄ کان پنجاھ سال اڳ ھو بکيا بنگالي سڏبا ھئا، سندن عورتون نوڪريءَ ۽ کاڌي جي لالچ ۾ ورغلائي پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ وڪرو ڪيون وينديون ھيون، بس ھنن پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو طئي ڪيو ، جنھن جي وڏي قيمت کين چڪائڻي پئي پر  اھي پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ واري مقصد ۾ ڪامياب ويا .اڄ جنھن مملڪت خداداد کان کين ڌڪي ڌار ڪيو ويو تنھن کان ھو گهڻو مٿڀرو اچي چڪا آهن. سندن واپاري ۽ صنعتڪار پڻ تيزيءَ سان بنگال جو رخ ڪري رھيا آھن ته سندن پاڪستان ۾ مستقبل رتي برابر به محفوظ نه آهي.

بنگلاديش اڄ دنيا جي 33 هين معاشي طاقت  آهي نه صرف ايترو پر دنيا جي سڀ کان وڌيڪ تيزي سان اڀرندڙ جي ڊي پي گروٿ به انهن وٽ آهي جنهن جي تيزي جي رفتار 8.3 آهيان سان گڏ هن وقت بنگالي قوم ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان تيزي سان اڀرندڙ معشيت  ۽ دنيا جي تيز ترين ناڻي جا ذخيره گڏ ڪندڙ قوت آهي ۽ سڀ کان حيرت جي ڳالهھ ته اڄ کان پنجاھ سال اڳ ھو بکيا بنگالي سڏبا ھئا، سندن عورتون نوڪريءَ ۽ کاڌي جي لالچ ۾ ورغلائي پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ وڪرو ڪيون وينديون ھيون، بس ھنن پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو طئي ڪيو ، جنھن جي وڏي قيمت کين چڪائڻي پئي پر  اھي پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ واري مقصد ۾ ڪامياب ويا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.