اسڪولي عمارتن بابت ھاءِ ڪورٽ جو ھاڪاري فيصلو 

سنڌ ۾ مختلف ادارن کي سنڀالڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتا آھن،جن جي ئي ذميواري ھئڻ گھرجي،پر جڏھن بھ اھي ادارا پنھنجي ذميواري خوش اصلوبي سان ادا نٿا ڪن تھ عام ماڻھون پنھنجي سوچ سمجهھ موجب احتجاج ڪري ٿو.ان سلسلي ۾ ڪجهھ وقت کان عوام کي اھو شعور آيو آھي تھ اھي عدالتن جو رخ ڪن ٿا. جيڪو ھڪ بھتر عمل آھي.مختلف ادارن جي سست رويي ۽ گھربل نتيجا نھ ملڻ سبب ڪو بھ معاملو عدليھ جي سامھون آيو آھي تھ ان تي بھ وقتي طور تي حڪم جاري ٿئي ٿو پر ان تي مڪمل طور عمل جي کوٽ نظر آئي آھي.

تازو سنڌ ھاءِ ڪورٽ ھڪ حڪم جاري ڪيو آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن بھ اسڪول جي عمارت ڊھي ٿي يا ڪري ٿي تھ ان جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.اھڙو حڪم سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور ڏنو آھي.تعيلم کاتي ميرپورخاص جي ٽن هاءِ اسڪولن بابت رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي جي سرڪاري اسڪولن جي خراب حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران  چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس ۽ ڊائريڪٽر رٿابندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيا ويا، ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن جي غفلت سبب اسڪولي عمارتن کي نقصان پھچڻ، عمارت جي ڪرڻ جي واقعي پيش اچڻ جي صورت ۾ ان جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرايا وڃن. جسٽس صلاح الدين پنھور  اھا بھ ھدايت ڪئي تھ سمورا سيشن ۽ ضلعي ججز اهڙن ڪيسن تي نظر رکن.

ٻئي پاسي تعليم کاتي طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪلاس رومن جي حالت خراب آهي،40 کان وڌيڪ شاگرد هڪ روم ۾ ويهاريا ويا آھن،رپورٽ ۾ چيو ويو ته هڪ ڪلاس روم ۾ 40 کان وڌيڪ شاگردن کي نٿو ويهاري سگهجي، گروڙ شريف هاءِ اسڪول ۾ اسٽاف سميت سهولتن جي کوٽ آهي.رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آھي ته ٽن هاءِ اسڪولن جي لاءِ 8 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي،.حڪومت 70 لک رقم جاري بھ ڪئي پر ڪم اڃا تائين شروعاتي مرحلن ۾ آهي. رپورٽ موجب ڍلهيار،کپرو هاءِ اسڪولن جا ڪلاس روم ڪِرڻ جي ويجهو آهن. ٻار وڻن هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا.ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته فنڊن  جي باوجود عملدار ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ان حوالي سان سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ميرپورخاص کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن،سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته ناڻي وارو سيڪريٽري خراب حالت وارن اسڪولن جي عمارتن لاءِ فنڊز جاري  ڪري،عدالت ايندڙ ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اھا ھڪ بھتر ڳالھھ آھي پر ٿوري گذارش آھي تھ عدالت جيڪڏھن مناسب سمجھي تھ اسڪول ڊھڻ يا ڪرڻ جي صورت ۾ جن ذميوارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي انھن جو بھ جيڪڏھن تعين ڪري ڇڏي تھ اھو بھتر ٿيندو. ھڪ اسڪول جي عمارت جي لاءِ اسڪول جو عملو، ايجوڪيشن ورڪس کاتي جا عملدار يا وري تعليم جا تعلقي يا ضلعي عملدارن مان  ڪير ذميوار ھوندا ؟

جيڪڏھن عدالت جي ھن حڪم کي مثال ڪري کنيو وڃي تھ سنڌ ۾ ھن وقت ڪيتريون ئي اھڙيون اسڪولي عمارتون آھن جن جي حالت خراب آھي. ھن ڪيس جي دائري کي ٿورو وسيع ڪجي تھ سنڌ جي پس منظر ۾ ڪئين تعليم کاتي جا عملدار اھڙي ڏوھ جا ڏوھاري ثابت ٿي سگھن ٿا.ان ھوندي بھ عدليھ طرفان سنڌ حڪومت جي انتظام وارن اسڪول جي حالت بابت ڏنل ھدايت گھڻي اھم آھي،جنھن تي عمل ٿيڻ جي صورت ۾ بھتر نتيجا ملي سگھن ٿا.

سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين کي پڻ ھنن سرڪاري عمارتن جي مالڪي ڪندي انھن جي سار سنڀال جي لاءِ اڳيان اچڻ گھرجي،ٻيو تھ ھن وقت جڏھن عدالتون اھڙي نوعيت جا ڪيس ٻڌي رھيون آھن تھ عوام کي بھ سڌي ريت ادارن جي ڪوتاھين،ڪمزورين ۽ غفلت خلاف عدالت جو در کڙڪائڻ گھرجي.جيئن ان جا تڪڙا ۽بھتر نتيجا نڪري سگھن ۽ عوام کي ان سلسلي ۾ انصاف ملي سگھي.

  • وڏي وزير جو دوائن جي کوٽ  ختم ڪرڻ جو حڪم 

سنڌ صوبي ۾ وقت بوقت ڪنھن نھ ڪنھن اھم اسم جي کوٽ پيدا ٿيندي رھي ٿي. کنڊ جي کوٽ، چانھن جي پتي جي کوٽ، اٽي جي کوٽ يا وري ھاڻي ڀاڻ جي کوٽ جاري آھن، معيشت تي نظر رکندڙ ماھرن جو خيال آھي تھ اڪثر وڏا واپاري ۽ ڪاروباري دنيا ۾ ڪم ڪندڙ مافيائون ھٿ سان لازمي واھپي جي شين جي کوٽ پيدا ڪن ٿيون جنھن جو اصل سبب ان بھاني سان اگھن کي وڌائڻ ھوندو آھي، کوٽ جي صورت ۾ گھربل اسم جي مارڪيٽ ۾ بليڪ مارڪيٽنگ ٿيڻ بھ لازمي ھوندو آھي.بليڪ مارڪيٽنگ جو مطلب تھ کوٽ  واري اسم جو اگھھ جيڪڏھن ھڪ سئو رپيا ھوندو آھي تھ اھو اصل قيمت کان ٻيڻ تي وڪرو ٿيندو.

ھن وقت سنڌ ۾ ڪجهھ اھم ۽ بنيادي دوائن جھڙوڪر انسولين، اي آر وي، اينٽي هاءِ بلڊپريشر دوائن جي کوٽ ٿي پئي آھي.وڏي وزير ان معاملي جو نوٽيس ورتو آھي ۽  صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل مريضن لاءِ هر سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هن صحت کاتي کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به مريض کي دوائن جي هٿرادو کوٽ يا بليڪ مارڪيٽنگ سبب مسئلا درپيش ٿيا ته برداشت نه ڪيو ويندو.

صحت کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ته انسولين جا 2955، اي آر وي جون 84252 ۽ اينٽي هاءِ بلڊپريشر جون 2003967 دوائن جا پيڪيٽ سرڪاري اسپتالن ۾ موجود آهن. اھي دوائون اوپن مارڪيٽ ۾ بھ موجود آھن.

اھا عجيب ڳالھھ آھي تھ ڪجھھ مفاد پرست واپاري ۽ مافيائون اھڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن تھ دوائن جي کوٽ آھي،جنھن جو اصل سبب بليڪ مارڪيٽنگ کي ھٿي ڏيڻ آھي.

اميد ته حڪومت ھن سلسلي ۾ ڪنھن بھ مفاد پرست يا عوام جي خلاف ڪم ڪندڙ مافيائن کي معاف نھ ڪندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.