ايران جي جيل ۾ قيد نرگس محمدي جي لاءِ نوبيل جي امن انعام جو اعلان ٿيو ھو.جيڪو ھن جي جاڙن ٻارن نياڻي ۽ پٽ، ناروي جي راڄڌاني اوسلو ۾ هڪ تقريب دوران وصول ڪيو.
ايران ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف وڙهندڙ 51 سالن جي نرگس محمدي هن وقت تهران ۾ 10 سال قيد جي سزا ڪاٽي رهي آهي، کيس مجموعي طور تي 31 سال قيد جي سزا ٻڌايل آھي.نرگس جي ٻارن ان تقريب ۾ پنھنجي ماءُ جي تقرير بھ پڙهي ٻڌائي، جيڪا سندن ماءُ کين ڳجهي طرح ايران جي جيل مان موڪلي هئي. جنهن ۾ نرگس ايران جي ’ظالم‘ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي هئي.نرگس پنهنجي تقرير ۾ چيو آھي ته ”ايراني عوام استقامت سان ظلم ۽ آمريت کي شڪست ڏيندو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي، اهو يقين آهي.“
ڪميٽي جي چيئرپرسن بيريٽ رائس اينڊرسن چيو ته نرگس محمدي پنهنجي جدوجهد جي وڏي قيمت ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته نرگس محمدي هن وقت ايران ۾ 31 سال قيد ڪاٽي رهي آهي، کيس 154 ڪوڙن جي سزا بھ ڏني وئي آھي.ريس اينڊرسن پنهنجي تقرير جي شروعات ڪندي چيو تھ ”عورتون، زندگي، آزادي“ ايران ۾ تازن مظاهرن دوران هڪ نعرو بڻجي اڀريو آھي.هن چيو ته هي ايوارڊ انهن هزارين ايرانين جي جدوجهد جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي جيڪي گذريل هڪ سال کان ايراني حڪومت جي عورتن کي نشانو بڻائڻ جي پاليسين ۽ انهن سان امتيازي سلوڪ خلاف وڙهي رهيا آهن.جن جي اڳواڻي نرگس محمدي ڪري رھي آھي.نوبل انعام جي تقريب کان اڳ ريس اينڊرسن اهو به چيو هو ته ”ايراني حڪومت کي گهرجي ته نرگس محمدي کي فوري طور جيل مان آزاد ڪري ته جيئن هوءَ ڊسمبر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ پنهنجو ايوارڊ وصول ڪري سگهي.گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته هي ايوارڊ ”ايراني عورتن جي جرئت ۽ بهادري جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اهي عورتون پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مثال آهن“.
ايران ڄائي برطانوي سماجي ورڪر نازنين زاغري ريٽڪلف تهران جي ايون جيل ۾ نرگس محمدي سان گڏ وقت گذاريو، کيس مارچ 2022 ۾ آزاد ڪيو ويو ۽ ھن چيو ته اھا پنھنجي دوست کي انعام ملڻ تي خوش آھي.هي ايوارڊ ايران جي هر ان عورت لاءِ آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ايران ۾ ناانصافي جو شڪار رهي آهي.نرگس محمدي ھن کان اڳ بھ 13 ڀيرا گرفتار ٿي چڪي آهي ۽ کيس 5 ڀيرا سزا ملي آهي.گذريل ڊسمبر ۾ هن جيل مان بي بي سي کي سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ تفصيل ٻڌايو ته ايراني عورتن سان ايون جيل ۾ ڇا ڇا ٿي رھيو آھي،جنھن ۾ جنسي ۽ جسماني طور ھراسان ڪرڻ بھ شامل ھو.سندس چوڻ هو ته احتجاجن دوران اهڙا پرتشدد واقعا عام آهن، جيڪي سيپٽمبر 2022 ۾ 22 ورهين جي مهسا اميني جي مارجڻ کانپوءِ شروع ٿيا هئا.ان دوران ايراني عورتن احتجاج ۾ پنهنجا حجاب (ھيڊ اسڪارف) ساڙي ڇڏيا ۽ اهي تصويرون سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويون ھيون. نرگس محمدي انساني حقن جي تحفظ واري اداري جي اڳواڻ نائب پڻ آهي. گذريل سال ھن کي بي بي سي جي 100 بااثر عورتن جي فهرست ۾پڻ شامل ڪيو ھو.