پي ٽي آءِ جي سياسي مستقبل جو سوال سياسي سگهه برقرار رکي سگهندي؟

تحرير:غلام حسين جوڻو

پاڪستان تحريڪ انصاف ، ملڪ جي وڏين پارٽين مان هڪ آهي. جنهن 2018 ع جي عام چونڊن ۾ ، ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان جي قيادت کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڏنيون ويون. عمران خان ملڪ جو وزير اعظم چونڊيو ويو. جنهن پنهنجي ڪابينا ٺاهي ملڪ جو ڪاروهنوار سڌو ڪرڻ لاءِ نيون پاليسيون مرتب ڪيون. گذريل چونڊن کان اڳ ۾ عمران خان جيڪي جلسا ڪيا. تن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري سندس ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو. جڏهن پاڻ وزير اعظم ٿيو ته ، ان کان پوءِ به وڏا جلسا ڪيائين. جن ۾ گهڻي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جنهن مان سندس مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مسلم ليگ (ن) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) ملڪ جون وڏيون پارٽيون آهن. انهن جي قيادت ، پي ٽي آئي جي مقبوليت ۽ جلسن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو انگ ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويئي. انهن پارٽين اهو به پئي چاهيو ته ، وري ڪا نئين پارٽي ميدان ۾ نه اچي. جيڪا سندن گراف کي ڌڪ رسائي. جنهن ڪري ڄاڻايل سموريون پارٽيون کوڙ سارن اختلافن جي باوجود به متحد ٿي ويون ۽ عمران خان جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ گهٽ ڪونه ڪيائون.

ياد رهي ته  عمران خان پنهنجي دور ۾  سياسي مخالفن کي وڏيون تڪليفون ڏنيون. کين قيد و بند رکيو ۽ سزائون ڏياريون. نواز شريف بيماري جو سبب ڄاڻائي علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه هليو ويو. جتان کان هاڻ موٽيو آهي. پنهنجي لاءِ سهولتون وٺي ، راهه تان سموريون رڪاوٽون هٽائي پنهنجي ملڪ ۾ آيو آهي ۽ هاڻ سياست پيو ڪري. اهڙي طرح سندس پارٽي جا ٻيا به ڪيترائي سرڪرده اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا هئا. جيڪي به آزاد ٿيا. ساڳئي نموني سان آصف علي زرداري کي به اهي سيخن وارا در ڏسڻا پئجي ويا. مولانا فضل الرحمان گرفتاري کان ته بچي ويو. پر، سخت تنقيد جو نشانو ضرور بنيو. مطلب ته عمران خان جي دور ۾ سياسي مخالفن سان ڪو چڱو سلوڪ روا ڪونه رکيو ويو. جنهن ڪري انهن سياستدانن جي دلين ۾ عمران خان لاءِ نفرتون ۽ حقارتون پيدا ٿي پيون. ان کانسواءِ پلاند وٺڻ جو ارادو پڪو ڪري ويٺا ته جيئن وقت اچي ته ، هن کي چڱي طرح سوگهو ڪري سموريون ڪسرون ڪڍجن. کيس ڪا به رعايت ۽ ڇوٽ نه ڏجي.  کيس اهڙو سبق سيکارجي جو سڄي عمر ياد ڪندو رهي ۽ دنيا کي ٻڌائيندو رهي ته سندس گهيرو تنگ ڇوڪيو ويو؟

عمران خان جيڪو حشر، مخالف سياسي ڌرين سان ڪيو. ان کان وڌيڪ خراب حشر هن وقت هن سان ڪيو پيو وڃي. هو، هن وقت قيد ۾ آهي. سندس ضمانت به ڪونه ٿي ٿئي. صفا ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي. ڦٿڪڻ جي به واهه ڪونه اٿس. پرڏيهه ۾ ڀڄي وڃڻ لاءِ به گس ڪونه ٿو مليس. جيئن ئي سندس حڪومت ختم ٿي ته اتحادي حڪومت اچڻ سان ، هن جي پارٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جون همدرديون ڦيرايون ويون. انهن کي گرفتار ڪري ٿوريون سختيون ڏيئي پارٽي سان لاتعلقي جا اعلان پريس ڪانفرنسون ۾ ڪرايو ويون. جيڪي سندس نمائنده هن سان هميشه نڀائڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا. سي به هن کان علحدگي اختيار ڪرڻ لڳا. اهي غداري ڪري ، ڪجهه ٻين پارٽين ۾ هليا ويا ته ڪي مورڳو سياست ڪرڻ کان ئي هٿ کڻي ويا ته ڪن وري الڳ سياسي پارٽي وڃي ٺاهي. هاڻ عمران خان جي چونڊيل نمائندن جي اڪثريت پنهنجو گس ۽ دڳ مٽائي وئي آهي. ڪڏهن ، سندس ملاقات ڪرڻ لاءِ به ڪونه ٿا وڃن. پر، جن عمران خان سان وفاداري ڪئي آهي. اهي همدرديون مٽائڻ کان نابري واري ويٺا آهن. سي اڄ به جيلن ۾ آهن. قيدي بڻيل آهن. انهن سان ، جيلن اندر سختيون ڪيون پيون وڃن. پر، اهي پريس ڪانفرنسون ڪرڻ کان انڪار ڪندا رهن ٿا. انهن مان شاهه محمود شاهه قريشي ۽ چوڌري پرويز الاهي جهڙيون شخصيتون وساري نه ٿيون سگهجن. اهي به عدالتن ۾ شنوايون ڪاٽي رهيا آهن. انهن جي خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن. هنن جون به ضمانتون نه پيون ٿين. نه ، رڳو اهي ٻه ڄڻا قيد ۾ آهن. پر، ڪيترائي اڳواڻ جن جو پي ٽي آئي سان تعلق آهي. سي به قيد و بند آهن. هاڻ ڏسجي ته ، عمران خان سميت مڙني قيدي اڳواڻن سان مستقبل ۾ ڪهڙو ورتاءِ ڪيو وڃي ٿو. هو، آزاد ٿين ٿا يا مورڳو کين سزائون ڏيئي قابو ڪيو ويندو ته جيئن هو، ڄار مان نڪري نه وڃن.

ماضي ۾ حڪمرانن ، پاڪستان پيپلز پارٽي کي به ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان جي مقبوليت گهٽائڻ لاءِ حيلا ، وسيلا ۽ اختيار استعمال ڪيا ويا هئا. پر، ان کي ختم ڪري ڪونه سگهيا. حڪمران پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگهيا. ها، البته اهو ٿيو جو، پنجاب ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان ان جي تڏا ويڙهه ٿي ويئي. هاڻ ، ان پارٽي جي انهن صوبن ۾ اڪثريت ڪونه ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اها، پارٽي سنڌ صوبي تائين محدود ٿي ويئي آهي. اهڙي طرح مسلم ليگ (ن) ته سنڌ ۾ مورڳو ئي ڪونه آهي. پر، ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب ۾ ، ووٽرن جو خاصو تعداد موجود اٿس. اهڙي طرح بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾، ان کي ڪا خاص پذيرائي ڪونه ٿي ڏني وڃي. مطلب ته مذڪوره پارٽين کي محدود ڪيو ويو آهي. انهن جي هڪ دفعو جن علائقن مان تڏا ويڙهه ٿي ويئي آهي ته اهي ٻيهر اڀري ڪونه سگهيون آهن ۽ پنهنجو اوج حاصل ڪري ڪونه سگهيون آهن. پوءِ ڪيتريون به ڪوششون ڪيون ويون ته سندن ساڳيو اوج ملي سگهي. پر، اهي سموريون ڪوششون ناڪامياب ۽ غير فعال بڻجي ويون آهن. ماضي تي ٿورو غور ڪبو ته اهڙا کوڙ مثال ذهن جي اسڪرين تي ڦرندا رهندا.

هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، “پاڪستان تحريڪ انصاف” جي مقبوليت گهٽائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ان پارٽي کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ميمبرن ۽ ووٽرن جون همدرديون مٽائڻ لاءِ به وٺ وٺان لڳي پئي آهي. جنهن جو هن مضمون جي شروعات ۾ مختصر ذڪر ڪيو اٿم. پارٽي جي خلاف ڪريڪ ڊائون هلندڙ آهي؟ ڇا ، ان پارٽي کي مورڳو ختم ڪيو ويندو؟ يا ، مٿين پارٽين وانگر ڪن علائقن تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي؟ ان ، پارٽي جي قيادت کي نااهل قرار ڏيئي سياست کان پري ڪيو ويندو؟ عدالتن مان اهڙيون فتوائون ورتيون وينديون. اهڙا فيصلا ڪرايا ويندا جن مان پاڪستان تحريڪ انصاف کي نقصان پهچي باقي ڪوبه فائدو ڪونه ڏنو ويندو؟ اهڙيون ڪارروايون ڪيون وينديون جن جي ڪري اها پارٽي ڪمزور ٿي ويندي ۽ پنهنجي موت مري ويندي. ان جي قيادت، اسٽبلشمينٽ ۽ سياسي ڌرين سان ڳالهائڻ جهڙي ڪانه رهندي؟ انهي پارٽي جي اڳواڻن ۽ اسٽبلشمينٽ ۽ سياستدانن جي وچ ۾ ٺاهه ته ڪونه ڪيو ويندو. انهن کي ويڙهائي وڌيڪ اختلاف پيدا ڪيا ويندا؟  ته جيئن اهي هڪ قطار ۾ بيهي نه سگهن. اهي۽ ان کانسواءِ ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي سوال آهن. جن جا جواب غور طلب ضرور آهن. آئون ، ڪجهه جو خيال آهي ته ، خان جي دور ۾ ايتري مهانگائي ڪونه هئي. پوءِ اتحادي حڪومت هر شي جا اگهه وڌائي ڇڏيا. قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. جنهن ڪري ان حڪومت جي ناقص ڪاڪردگي رهي. عوام ۾ نفرتون وڌيون. جن اڳواڻن مهانگائي مارچ ، ٽريڪٽر مارچ يا ڪنهن ٻئي نالي سان عوام کي روڊن تي آندو. اهي بعد ۾ سڻڀا ٽڪر حاصل ڪري، اقتدار جا مزا ماڻيندا رهيا ۽ خاموش ٿي ويا. وري نگران حڪومت به انهن جي نقش قدم تي هلڻ لڳي. هن حڪومت به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. ان ڪري ، هن حڪومت لاءِ به عوام وٽ چڱي راءِ ڪونه آهي. ان صورت ۾ عوام ۾ عمران خان لاءِ همدرديون وڌيون آهن. جيڪا ڪوشش ڪئي پئي وئي ته ، عمران خان جي پارٽي جو گراف زيرو تي آندو ويندو. اها اتحادين جي تمنا پوري ڪونه ٿي سگهي. منهنجي ڄاڻ موجب عمران خان جي مقبوليت اڳئين کان به وڌي آهي. هاڻ ، عوام کيس مظلوم سمجهي ٿو. ان آڌار تي سندس اميدوارن کي اليڪشن ۾ وڌ ۾ وڌ ووٽ ڏنا ويندا. وڌيڪ عام چونڊن دوران خبر پوندي ته عوام ڪهڙي طرف وڃي ٿو. باقي مجموعي صورتحال عمران خان جي فائدي م وڃي رهي آهي. حڪمران ۽ اسٽبلشمينٽ ته عمران خان ۽ سندس حامين جي مخالفت ۾ آهن. ٻئي پاسي عوامي جهڪاءُ عمران خان طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.