ڇا بنگلاديش سانحي مان حڪمران ڪجهه سکيا آهن

تحرير: نثار لغاري

هن وقت تائين مون جيڪي به تحريرون پڙھيون آھن ۽ ڪجهه نام نهاد غير جانبدار تجزيي نگارن  جا تجزيا پڙھيا آھن ته انهن ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ ۽ بنگلاديش جي ٺھڻ کي هندستان ۽  عالمي سازش قرار ڏنو ويو آهي يا وري ڀٽو جي ضد  مجيب جي انا قرار ڏنو ويندو آھي، هن واقعي جا ڪي به معاشي سياسي سماجي سبب استحصال ۽ بنگالين جي تذليل ناهي ڄاڻايو ويندو. سرڪاري سطح تي اڄ به هن وڏي سانحي کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿيندي آھي پاڪستاني ٽي وي چينلن تي ڏسندئو ته اتي ڪل خير لڳو پيو هوندو  ڄڻ ان سورنهن ڊسمبر تي ڪو واقعو ٿيو ئي نه هو اڄ به اها ذھنيت آھي ته خير ٿي ويو ذوالفقار علي ڀٽي موجب شڪر آھي اسان باقي پاڪستان بچائي ورتو  اهو بيان هن بنگلاديش جي ٽٽڻ تي ڏنو هو .

هڪ اخبار بيڪ پيج تي سنگل ڪالم خبر لڳائي هئي ته ” ڍاڪا الڳ  ٿي ويو ۽ پاڪستان ٽٽي ويو“  هن وقت به اها ئي ذھنيت موجود آھي جيڪا ملڪ کي مڪمل ڏيوالي طرف وٺي وڃي رهي آھي پر حڪمرانن جي چهرن تي توهان کي رونق ملندي اهي خوش ھوندا ۽ اهو چوندا  ته بس اجهو بهتري طرف سفر شروع ٿيو اڄ  به  معاشي ماهرن  انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستاني معيشت ٻڏي چڪي آھي  مهانگائي ڪرپشن بک بدحالي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آھي

بک بد حالي مهانگائي اڳ ۾ حالتون خراب ڪري ڇڏيون آھن پر هتي جيڪو ڪجهه ڪو ڪري ٿو سو کيس ڦٻي ويندو آھي انڪري باقي بچيل پاڪستان کي هي جيترو لٽي سگهن ٿا لٽين پيا عام ماڻھو کان ٻه گرهه ماني جا به کسي ڇڏيا اٿن  پر هي نه اڄ نه ڪالهه پنهنجي غلطين جو ذڪر ڪندا ، حمود الرحمن ڪميشن جيڪا ٺاهي وئي  ته بنگلاديش جي ٺھڻ ۽  پاڪستان جي ٽٽڻ جا سبب ڳولي اها به ڪيترائي سال لڪائي وئي هن وقت به ان جا ڪجهه حصا هندستان ۽ برطانيا مان ڇپيا آھن

ٻيو ته ڇڏيو اڄ کان ٽي سال اڳ اي پي ايس پشاور تي ساڳي ڏينهن يعني سورنهن ڊسمبر تي حملو ڪيو ويو طالبان ٽي سئو ٻار قتل ڪري ڇڏيا انهي واقعي جي ذميوارن کي پڪڙڻ ته پري احسان الله احسان جيڪو طالبان ترجمان هو ان کي ايجنسين جي سيل مان ڀڄايو ويو هن وقت تائين خير لڳو پيو آھي هن سموري تجزيي جو مطلب آھي ته هتي ملڪ ٽٽي وڃي تڏھن به ڪو وڏو مسئلو ناهي ڪڏھن به ان جي سببن تي تي غور نه ڪيو ويو آهي.

بنگلاديش ھن وقت دنيا جي اڀرندڙ معيشت آھي انهن جو دنيا۾ تمام وڏو قدر آھي انهن غربت کي گهڻي حد تائين ڪنٽرول ڪري ورتو آھي .ختم ڪري ملڪ کي مڪمل  سيڪيولر آئين ڏئي ڇڏيو پاڪستان جي تاريخ مان بنگال جو واقعو غائب  حڪمرانن پنهنجي انهي عوام سان ڪيل تاريخي ڌوکي ۽ عوام سان ويساهه گهاتي کي لڪائڻ ۽ وري ساڳيو جبر جاري رکڻ لاءِ   بنگالين جي ورهاڱي انهن جي سياسي سببن کي لڪائڻ لاءِ  ھن سموري تاريخ کي ملڪ جي نصاب مان ڪڍي لڪائي ڇڏيو آھي هن وقت به عوام جي اڪثريت کي هن واقعي جي خبر ئي نه آھي هن وقت به ملڪ اندر اهو ساڳيو رويو بلوچن سنڌين پختونن سان جاري آھي . بنگلاديش ھن وقت دنيا جي زبردست اڀرندڙ معيشت آھي هنن جي ترقي معاشي سياسي استحڪام عالمي پذيرائي حاصل ڪري چڪو آھي هنن ننڍي صنعت کي ترقي ڏني آھي اسان پنهنجي ماڻھن کي بينظير  انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي پنڻ تي هيرائي چڪا آھيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.