(ر) جنرلن جي عدالت طلبي ۽ ڳجهن ادارن جو سياسي ڪردار

تحرير: مبصر

سپريم ڪورٽ انٽر سروسز انٽيليجنس يا آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي ڌر بڻائيندي کيس نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آھي.اھو نوٽيس عدالت پاران اسلام آباد جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي طرفان پنھنجي برطرفي واري درخواست جي سماعت دوران جاري ڪرڻ جوحڪم ڏنو.

ھن ڪيس جي شروعات جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي 2018ع ۾ ڪيل ان تقرير سان ٿي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جي حيثيت سان هن راولپنڊي بار ايسوسي ايشن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ايس آءِ تي عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت جو الزام لڳايوھو،تقرير ۾ ھن چيو ھو ته آءِ ايس آءِ. اختيارين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ٻڌايو ته هو چاهين ٿا، ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن کان اڳ جيل مان ٻاهر نه اچن.جج جي اهڙي خطاب کانپوءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کيس برطرف ڪري ڇڏيو ھو. ان عمل خلاف شوڪت عزيز صديقي اپيل داخل ڪئي پر ان تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.

تازو ئي سندس اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ جمعي تي جنرل فيض حميد جو نالو آءِ ايس آءِ جي ٻين آفيسرن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل حامد خان چيو ته” ھن جي موڪل سان  جنرل فيض حميد پاڻ ملاقات ڪئي ۽ ٻڌايو ته نواز شريف کي سزا ٿي ويندي.“حامد خان موجب شوڪت عزيز صديقي کيس چيو ته “جيڪڏهن توهان کي  خبر آهي ته توهان مون کي اھو ڇو ٻڌائي رهيا آهيو. فيض حميد پڇيو ته جيڪڏهن اپيل توهان جي عدالت ۾ آئي ته توهان جي راءِ ڇا هوندي؟ شوڪت عزيز صديقي جواب ڏنو ته، فيصلو ميرٽ تي ڪندس. جنرل فيض حميد چيو ته، ان سان تھ اسان جي ٻن سالن جي محنت  ضايع ٿي ويندي“شوڪت عزيز جي وڪيل حامد خان اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد، اڳوڻي برگيڊيئر عرفان رامي ۽ برگيڊيئر فيصل مروت کي ڌر بڻائڻ جي درخواست ڪئي.

ٻڌڻي دوران بينچ ۾ شامل جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ”اسان جي ماڻھو کي استعمال ڪريو ڇو چيو ويو تھ نواز شريف چونڊن کان اڳ ٻاهر نه اچي“ جنهن تي وڪيل چيو ته، ”اھوالزام فيض حميد تي آهي“. عدالت بعد ۾ جنرل فيض حميد، برگيڊيئر (ر) عرفان رامي، اڳوڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انور ڪانسي ۽ اڳوڻي رجسٽرار سپريم ڪورٽ ارباب عارف کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.ان فيصلي کانپوءِ هڪ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي ڌيان جو مرڪز آهي تھ ٻئي پاسي  سياست ۾ آءِ ايس آءِ جو ڪردار به بحث هيٺ اچي ويو آهي.

آءِ ايس آءِ جو اندروني ونگ يا سياسي ونگ ڇا آهي؟ .

برگيڊيئر فيض حميد راولپنڊي ڪور ۾ چيف آف اسٽاف طور ڪم ڪيو. ميجر جنرل جي حيثيت ۾ هن پنو عاقل ڊويزن ۾ جنرل ڪمانڊنگ آفيسر طور ڪم ڪيو ۽ بعد ۾ تقريباً اڍائي سال  آءِ ايس آءِ  جي انٽرل ونگ جو سربراهه رهيو.ليفٽيننٽ جنرل ٿيڻ کان پوءِ ٻه مهينا ھن  ايڊجوٽنٽ جنرل طور ڪم ڪيو. ان کانپوءِ جنرل فيض حميد ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. ان کان پوءِ هن 8 مهينن تائين ڪور ڪمانڊر پشاور جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ بعد ۾ ان کي ڪور ڪمانڊر بهاولپور مقرر ڪيو ويو. 27  نومبر 2017 تي حڪومت پاڪستان ۽ تحريڪ لبيڪ جي وچ ۾ ٺاهه جي آخر ۾ “ ”بوساطت ميجر جنرل فيض حميد“  لکيل هو.ان معاهدي وقت ، ڊي جي سي ميجر جنرل فيض حميد جو نالو عوامي حلقن ۾ مشهور ٿيو ۽  اهو سلسلو جاري رھيو.

بعد ۾ تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي معاملي تي سپريم ڪورٽ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪندڙ ۽ حلف جي پاسداري نه ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو.ان دور۾ سياسي انتقام، گرفتاريون، وفاداريون مٽائڻ جا الزام سامهون آيا. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف به تقريرن ۾ تڏھوڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد تي سنگين الزام لڳائيندو رهيو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس پارٽي کي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ڪيريئر سان جڙيل تڪرارن جو الزام پڻ لڳندو رھيو آهي.

آءِ ايس آءِ  جي انٽرل  ونگ يا سياسي ونگ ڇا آهي ؟ آءِ ايس آءِ جي سياسي ونگ ذوالفقار علي ڀٽي قائم ڪئي، پر ان وقت سرڪاري طور آءِ ايس آءِ  ۾ ڪو به سياسي ونگ موجود نه ھئي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ ملڪ جي سربراهن جي ايجنڊا کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جا الزام لڳندا رھيا آهن.صدر جنرل ايوب ان ايجنسي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. جنرل يحيٰ ان وقت اوڀر پاڪستان ۾ مخالف سياسي پارٽين جي نگراني لاءِ آءِ ايس آءِ کي استعمال ڪيو.پر هي سياسي ونگ سرڪاري طور تي ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ آءِ ايس آءِ  جو حصو ٿي ھن تي بھ مخالفن کي ان معرفت نشاني بڻائڻ جو  الزام آهي.اهي ذميواريون جيڪي ان وقت سياسي ونگ جون هيون، سي هاڻي آءِ ايس آءِ جي انٽرل ونگ وٽ آهن، جيڪا  ملڪ جي اندروني سلامتي جي نگراني ۽ انٽيليجنس معلومات گڏ ڪري ٿي.آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڳجهي ايجنسي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ۽ نيون ونگز بڻايون. آءِ ايس آءِ  جي اھا ’سياسي ونگ‘ تڪراري رهندي آئي آهي ۽ ان تي ’سياسي انجنيئرنگ‘ جا الزام لڳندا رھيا آهن. جيتوڻيڪ هن ونگ جو بنيادي ڪم سياسي سرگرمين ۽ اڳواڻن جي نگراني ڪرڻ آهي ته جيئن هو ڪنهن به ملڪ دشمن سرگرمين جو حصو نه بڻجن، پر مختلف حلقن طرفان اهو الزام لڳايو ويو آهي ته اھو ھڪ مبهم ۽ شڪي ڪردار آهي.ان ونگ جو سربراهه فوجي آفيسر وسيع اختيار رکي ٿو ۽ سياسي پارٽين ۽ انهن جي سرگرمين تي نظر رکي ٿو. فوجي ماهرن موجب آءِ ايس آءِ ۾ هي عهدو ايترو ته اهم آهي جو گذريل ڪجهه عرصي ۾ ان عهدي تي مقرر ڪيل آفيسر به ان اداري جا سربراهه بڻجي ويا. جن ۾ ليفٽيننٽ جنرل ظهير اسلام ۽ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد شامل آهن.پر اها پوزيشن ايتري حساس آهي ته ان کي ٻه منھين تلوار سڏيو ويندو آهي.ماضي ۾ اهڙا موقعا به آيا جڏهن  ونگ کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿيون. نومبر 2008 ۾ اعلان ڪيو ويو ته آءِ ايس آءِ  جي ‘سياسي ونگ’ کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ان جون ذميواريون هاڻي آءِ بي نڀائيندي.

اھو اعلان ان وقت جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪيو هو پر ٻئي ڏينهن هڪ مقامي اخبار ڪنهن سينيئر آفيسر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هن ونگ جو ڪم بند ڪيو ويو آهي پر مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيو.وزير اعظم يوسف رضا گيلاني به ان ونگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پر اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي دور ۾ به سياسي ونگ آءِ ايس آءِ ۾ پنهنجو ڪم جاري رکيو. 2012 ۾ ان وقت جي بچاءَ واري وزير چوڌري احمد مختار تصديق ڪئي ته ”آءِ ايس آءِ ۾ هڪ سياسي ونگ هميشه موجود آهي ۽ اڃا تائين ڪم ڪري رهي آهي.

بي بي سي جي هڪ آرٽيڪل موجب صحافي مجيد نظامي سان ڳالهائيندي اڳوڻي بچاءُ واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي چيو ته ماضي ۾ فوج ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مداخلت ڪندي رهي آهي. هن ڀيري معاملو ٿورو مختلف هو. جنرل فيض حميد جي دور ۾ سياسي مداخلت تمام گهڻي عام ۽ ڪنهن حد تائين بي ڍنگي ٿيڻ لڳي ھئي. گهٽين ۽ عوامي حلقن ۾ حساس اداري  جي ڪردار تي بحث ٿيڻ لڳو. اڳي اهو سڀ ڳجهي نموني ڪيو ويندو هو، پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه کليل نموني ٿي رهيو آهي.

صحافي ۽ تجزيه نگار سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ اڳوڻن آرمي جنرلن کي اڳي بھ عدالت ۾ طلب ڪيو ويندو رھيو آهي، جيئن اڳوڻو آرمي چيف جنرل مرزا اسلم بيگ ۽ اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل اسد دراني کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل پرويز مشرف کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو.عام تاثر آهي ته جنرلن کي عدالتون طلب نھ ڪنديون آهن ۽ نه ئي انهن تي ڪيس هلندا آهن.سهيل وڙائچ جو چوڻ آھي تھ” بيوروڪريٽس يا سياستدانن جو تھ اقتدار ۾ ھوندي احتساب ٿيندو آهي. نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني کي اقتدار ۾ ھوندي سزا ملي پر جنرل تڏهن ئي سڏبو آهي جڏهن هو رٽائر ٿيندوآھي.پر موجوده سياسي تناظر ۾ هي نوٽ ڪيترو اهميت رکندڙ آهي؟

سهيل وڙائچ جو چوڻ هو ته ظاهر آهي ته هن سياسي ماحول ۾ اهو به اهم آهي ڇو ته 2018ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو هو ان کي بي نقاب ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي حد تائين بي نقاب ٿي چڪو آهي.پر جيڪو هاڻي ٿي رهيو آهي اهو ڪڏهن وائکو ٿيندو؟ اسان ڪيستائين دائرن ۾ سفر ڪندا رهنداسين ؟

(بي بي سي جي ٿورن سان )

حامد خان موجب شوڪت عزيز صديقي کيس چيو ته “جيڪڏهن توهان کي  خبر آهي ته توهان مون کي اھو ڇو ٻڌائي رهيا آهيو. فيض حميد پڇيو ته جيڪڏهن اپيل توهان جي عدالت ۾ آئي ته توهان جي راءِ ڇا هوندي؟ شوڪت عزيز صديقي جواب ڏنو ته، فيصلو ميرٽ تي ڪندس. جنرل فيض حميد چيو ته، ان سان تھ اسان جي ٻن سالن جي محنت  ضايع ٿي ويندي“شوڪت عزيز جي وڪيل حامد خان اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد، اڳوڻي برگيڊيئر عرفان رامي ۽ برگيڊيئر فيصل مروت کي ڌر بڻائڻ جي درخواست ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.