اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي برطرف ڪيل جج شوڪت عزيز صديقي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي نوٽيس موڪلي هُن کان الزامن جو جواب طلب ڪري ورتو آهي سپريم ڪورٽ برگيڊيئر(ر) عرفان رامي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس انور ڪانسي ۽ اڳوڻي رجسٽرار ارباب عارف کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو،سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقيءَ جي معزولي خلاف درخواست تي ٻڌڻي لائيو ٿي..شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل جيڪي ست نالا ڏنا انهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو نالو به شامل هو، پر عدالت قرار ڏنو ته هُن جو هن ڪيس ۾ ڪو سڌو سنئون ڪردار سامهون نه آيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت به شامل آهن.چيف جسٽس حامد خان کي مخاطب ٿي چيو ته ڇا ڪو جنرل پاڻ وزيراعظم ٿيڻ چاهي پيو،يا هو ڪنهن لاءِ سهولتڪاري ڪري رهيو هو، چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 184/3 جي درخواست ۾ عدالت جا اختيار شروع ٿي ويا آهن، جيڪڏهن فوجي آفيسر ڪنهن کي فائدو پهچايو ته ان کي به ڦاسايو ويندو،توهان درخواست ۾ اصل بينيفشري جو ذڪر ئي ناهي ڪيو، وڪيل حامد خان چيو ته فوج شايد مرضي جا چونڊ نتيجا چاهي پئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هڪ اميدوار کي پاسيرو ان ڪري ڪيو وڃي ٿو ته من پسند اميدوار کٽي.شوڪت عزيز صديقي جي لڳايل سنگين الزامن جا به سنگين نتيجا نڪرندا،حامد خان چيو ته 70 سالن کان ملڪ ۾ اهو ئي ٿي رهيو آهي، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ کي ڪنهن جي مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان جي ڪلهن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،ڇا 70 سالن کان جيڪو ٿي رهيو آهي ان جو ازالو نه ڪريون؟ چيف جسٽس چيو ته فوج هڪ آزاد ادارو آهي يا ڪنهن جي ماتحت آهي؟ ڪنهن به طرفداري نه ڪنداسين،حامد خان چيو ته فوج حڪومت جي ماتحت آهي، جڏهن ته سنڌ بارڪائونسل جي وڪيل صلاح الدين چيو ته اڳوڻي جج لکت ۾ جن ماڻهن جا نالا ورتا اسان انهن کي ڌر بڻائي رهيا آهيون، بئريسٽر صلاح الدين احمد چيو ته نواز شريف کي عدالتي نظام تي دٻاءُ وجهي ٻاهر ڪڍيو ويو، چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته ان مان ڪنهن کي فائدو ٿيو؟ ڇا ان سان سنڌ بار يا اسلام آباد بار کي فائدو ٿيو؟ جنهن تي بئريسٽر صلاح الدين چيو ته اسان انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي.قاضي فيض عيسيٰ چيو ته هن ڪيس ۾ اسان ڪنهن به ڌر لاءِ سسٽم کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اهو سوچي وٺو ته هن درخواست جا نتيجا به نڪرندا، شوڪت عزيز صديقي فيض حميد جو نالو ورتو، جنرل ريٽائرڊ قمر بابت ٻڌل ڳالهيون آهن، قمر جاويد باجوا شوڪت عزيز صديقي سان سڌو سنئون ڳالهيون نه ڪيون. توهان چئو ٿا ته فيض حميد جنرل باجوا جي چوڻ تي آيو؟ جنرل قمر جاويد باجوا تي سڌو سنئون الزام ناهي، اڄڪلهه ماڻهو ڪنهن جو نالو استعمال ڪن ٿا، برگيڊيئر عرفان رامي جو نالو به اڻ لاڳاپيل آهي، حامد خان چيو ته برگيڊيئر فيصل مروت بول ٽي وي کي آءِ ايس آءِ پراجيڪٽ قرار ڏيندي شعيب شيخ جي بريت جو چيو، برگيڊيئر عرفان رامي به بول جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي، ايڊيشنل سيشن جج پرويز القادر ميمڻ کي 50 لک رپيا رشوت ڏئي شعيب شيخ کي بري ڪرايو ويو، عدالت چيو ته 3 ماڻهو جن کي شوڪت عزيز صديقي ڌر بڻايو هو انهن جو سڌو سنئون تعلق ناهي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوا، برگيڊيئر فيصل مروت ۽ طاهر وفائي کي نوٽيس جاري ناهي ڪيو ويو،