اسلام آباد ( م ڊ ) ن ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو 8 فيبروري تي چونڊون يقيني بڻائڻ جو فيصلو ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آئين جي تحفظ لاءِ سنگ ميل آهي.پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جمهوريت ۽ آئين خلاف سازش ناڪام بڻائي ڇڏي، شهباز شريف موجب تحريڪ انصاف جي چونڊن کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي.
ڪنهن کي به چونڊن ۾ دير جي اجازت نه ڏينداسين : پشاور هاءِ ڪورٽ
پشاور ( م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ چونڊون عدليه جي نگراني ۾ ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران چيو ته اهو قومي مسئلو آهي. توهان هڪ ضمني درخواست جمع ڪرايو. چيف جسٽس چيو ته چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. اليڪشن جي تاريخ جيڪا مقرر آهي ساڳي هوندي، نه هڪ ڏينهن گهٽ ۽ نه هڪ ڏينهن وڌيڪ ڪنداسين. چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد ابراهيم خان ۽ جسٽس شڪيل احمد تي ٻڌل 2 رڪني خاص بينچ عدليه جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊيشنل اٽارني جنرل، اليڪشن ڪميشن جا وڪيل ۽ درخواستگذار جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊووڪيٽ جنرل عامر جاويد عدالت کي ٻڌايو ته درخواست ۾ نوٽيفڪيشن کي چئلينج ناهي ڪيو ويو. جڏهن اها درخواست داخل ڪئي وئي ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز جو اعلان نه ٿيو هو. چيف جسٽس چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته انتظاميه وٽ هن وقت ٻيو ڪو ڪم ناهي. سواءِ 3 ايم پي اوز جا آرڊر جاري ڪرڻ جي. هن وقت صوبي ۾ 3 ايم پي اوز جا 700 کان وڌيڪ آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڇا اهڙي اداري تحت شفاف اليڪشن ممڪن آهي؟ چيف جسٽس محمد ابراهيم خان چيو ته اليڪشن قوم جي امانت آهي.