اسان کي احمد سليم ۽ سندس ساروڻين تي فخر آهي

تحرير: حميده گهانگهرو

چوڻ ۾ ته هڪ ابهم ٻار منڊي بهاول دين ۾ پيدا ٿئي ٿو پر سندس ذهني صلاحيتن، کيس هڪ ترقي پسند اديب، دانشور، محقق، ترجمانگار، لسانيات جي ماهر، سياسي سوچ ۽ فڪر تي گهري نظر رکندڙ نالي واري احمد سليم طور سڃاڻپ ڏني. انڌيري سماج جي استحصال، غلط سوچن ۽ نفرتن کي مٽائي پنهنجي حصي جو روشن سماج ٺاهيو.

سندس مادري ٻولي ته پنجابي هئي پر فڪري سوچ جي ٻولي پاڪستان جون سڀ ٻوليون هيس. ٻولين سان نه صرف محبت هيس پر عملي طرح انهن جي ڳانڍاپي جو ڪم ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ جي مهان شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعري کي پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايائين ته هر ٻولي جو ميٺاس ٻڌڻ ۽ سمجهڻ سان ماءُ جي ٿڃ جي اڪير انهيءَ وقت وڌي وڃي ٿي جڏهن پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ سمجهي ته ٻولي ڳالهائڻ جو اهڙو ذريعو آهي جو هڪ انسان وٿيرڪو ويٺل به ويجهڙائي محسوس ڪري ٿو. هونئن به ڏسجي ته قومن ۽ قوميت جا تضاد انتهاپسنديءَ جي تضادن کان الڳ هوندا آهن. احمد سليم جهڙا ماڻهو سماج جي ڌٻڻ ۾ ڪنول جا گل ٿي نڪرندا آهن.

احمد سليم کي صرف ۽ صرف لاهور نه پر سنڌ به ياد ڪندي رهندي. جڏهن شاهه، سچل، سامي، شيخ اياز، کي ياد ڪندا ته احمد سليم به ڪنهن کان نه وسرندو. جڏهن شيخ اياز ۽ شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري کي پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو ته ڄڻ پنجاب ڄائي احمد سليم  جي ان ترجمي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جهونگار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. سنڌي، انگريزي، اردو پنجابي ٻولين جو جهونگاريندڙ احمد سليم زندگيءَ جي لاهن چاڙهن، آمريتن، جيلن جي ڀوڳنائن سان وڏو مقابلو ڪري ڏيکاريو. هن متحرڪ اديب ڪڏهن به حالتن کان خوف زده ٿي آڻ نه مڃي. سندس سياسي ۽ سماجي نقطه نظر کيس منفرد ۽ مٿانهون ڪري ڇڏيندو هو.

26 جنوري 1945ع جي جنم ڏينهن کان 10 ڊسمبر 2023 جي زندگيءَ جي سفر ۾ 1975ع کان ڪجهه يادگيرين جون وابستگيون ذهن تي تري اچن ٿيون. نارا جيل مان سندس آزادي کانپوءِ اسلام آباد ۾ شاگرد ڪنوينشن ۾ نذير عباسي، تاج مري، امر لال، شفاعت، سرفراز ميمڻ، ادي زبيده ۽ آءُ (حميده گهانگهرو) شريڪ ٿياسين، فنڪشن کانپوءِ احمد سليم ٻڌايو ته اڄ رات 9 وڳي لاهور ۾ امرتسر کان انڊين چينل تي پاڪيزه فلم ڏيکاري ويندي ۽ لاهور  ۾ سندس گهر انڊين چينل ڪيچ ڪندو آهي. نذير هونئن به فلمن ڏسڻ جو شوقين هو خاص طور جنهن جي اسٽوري حقيقت تي ٻڌل هجي. اسان پاڪيزه فلم ڏسڻ جي هام ڀري ۽ لاهور ۾ احمد سليم جي گهر پهتاسين. احمد سليم جي امڙ، پهريان کان ئي چڻا چاٽ ۽ پڪوڙا ٺاهيا ته رات دير جو کين بک لڳندي. احمد سليم جي امڙ سان اسان پهريون دفعو مليا هياسين پر امڙ جي محبت ڄڻ سندس پٽ کان به وڌيڪ هئي ۽ ڇو نه هجي اهڙي امڙ جوئي ته اثر هو جو هوءَ سنڌ کان آيل مهمانن جو به آڌر ڀاءُ ايئن پئي ڪري ڄڻ سالن کان سڃاڻيندي هجي. هڪ ڪمري ۾ چئني پاسن کان کٽون رکيل پر ڀتيون ڪتابن جي ڪٻٽن سان ڀريل هيون. سندس گهر جي ڊيڪوريشن ڄڻ سڄي دنيا جو لٽريچر هو. جيئن ڪي پئسي وارا ماڻهو ٻاهرين ملڪن جا ڊيڪوريشن ڏيکاريندي ٿورو ڪنڌ کي آڪڙائي چوندا آهن ته هي ٻاهرين ملڪن جا شوپيس آهن. اتي احمد سليم وري المارين جي سامهون بيهاري تعارف پيو ڪرائي ته هي روسي لٽريچر آهي، هيءَ ڪارل مارڪس، لينن، دوستو وسڪي جا ڪتاب آهن، ذلتون ڪي ماري لوگ، دارو رسن کي آزمائش، دنيا کي عظيم انقلابي عورتين مطلب ته سڀ ڪتاب هيا. هڪ وسيع لائبريري ڄڻ ادب جو سمنڊ هجي. صبح جو نيرن ڪري واپسي جو پروگرام هو. امڙ چيس ڀينرون جيل مان آزاد ٿي اسان جي گهر پهريون دفعو آيون آهن ڪو گفٽ ڏيون ته چيائين امان بلڪل ۽ پوءِ لاهور ۾ لڳل ڪتابي ميلي ۾ وٺي ويو، مونکي ۽ ادي زبيده کي چيائين جيڪي ڪتاب وٺڻا اٿو وٺو. اسان ٻئي ڀينر مروت ۾ ٻه ٽي ڪتاب وٺي چيوسين بس، ان کان پوءِ پاڻ ٻه ٻورا ڀري الڳ الڳ گفٽ ڪري ڏيندي چيائين امڙ پئسا ڏنا هيا ته هنن کي گفٽ وٺي ڏي. هاڻي مونکي انهن ڪتابن کان وڌيڪ ڪا اهم شئي نظر نه آئي، ۽ اسان به چيوسين گفٽ ته صرف هڪ شئي هوندي آهي. هيءَ توهان پوري دنيا جي سوچ، فڪر، ادب تاريخ پوري زندگيءَ جو سرمايو ڏنو آهي جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو.

پوءِ لاهور جو شاهي قلعو گهمڻ وياسين. جتي شهيد حسن ناصر کي شهيد ڪيو ويو هو. زمين جي اندر سرنگ ٺهيل هيون ٻڌايائون ته شهيد کي هن سرنگ ۾ اندر بغير ڪنهن آڪيسجن جي ٽارچر ڪندا وٺي ويا هئا. هن وقت خاردار تارن سان سرنگ بند ڪيا ويا هئا. نذير عباسي جيڪو انقلابي جذبي ۽ ڪمنٽمنٽ ۾ اسان سڀني کان وڌيڪ سنجيده هوندو هو. سرنگ جي ڀرسان سڌو بيهي سرخ سلامي ڏئي رهيو هو. قلعي ۾ وزيٽرس نذير کي ڏسي سمجهن پيا، ته شايد هيءَ نفسياتي آهي ڇاڪاڻ جو تقرير نما نذير سنڌيءَ ۾ ڳالهائي پيو. بلڪل انقلابي نظرياتي نفسياتي هوندا آهن جن جو علاج صرف ۽ صرف جدوجهد ۽ سماج جي تبديلي سان جڙيل هوندو آهي. ان کانپوءِ شام جو حيدرآباد اچڻ واري ٽرين ۾ واپسي هئي. احمد سليم جڏهن لاهور اسٽيشن تي موڪلائي پيو ته ڪافي کائڻ پيئڻ جون شيون وٺي ڏنائين جيئن کين ٽرين ۾ ضرورت نه پوي.

اڄ مان سوچيان ٿي اهو ڪهڙو رشتو آهي جيڪو ساهه جي تند ٽٽي وڃي پر يادون نٿيون ٽٽن. ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو عزيز آباد جي هڪ گهر ۾ احمد سليم ۽ سندس گهرواري رهندا هئا ۽ مٿي هڪ ڪمري ۾ مان به رهندي هئس. زال کي چوندو هو ته ٻوڙ پچائي هتي ڀيڻ کي موڪليندي ڪر. حالانڪه ٻئي زال مڙس ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڪندا هئا. مان ته نذير جي شهادت کانپوءِ مڙئي ڪجهه ڏينهن لاءِ روپوشي ۾ رهندي هئس. حيدرآباد ۾ مان ۽ ادي زيبده پڙهنديون هيوسين. هي ڄام شورو يونيورسٽي ۾ رهندو هو. ڪڏهن چاچا دلدار مري (تاج مري جو سهرو، فضا جو پيءُ) جيڪو پارٽي جو همدرد هوندو هو اسانجو اتي گهڻو اچڻ وڃڻ هو. احمد سليم به اتي ايندو هو. هيرآباد صحافي ڪالوني ۾ گهر انتهائي شاندار ٺهيل هو ڊيڪوريشن به تمام سٺي هئي. ڊرائنگ روم ۾ ايندي چيائين هي ڪامريڊ آهن يا ڪي زميندار؟ مون چيومانس آفيسر آهي پر سوچ ڪامريڊن واري اٿس ۽ اسانجو ساٿي تاج مري سندس نياڻي فضا جو مڱيندو آهي. پر فضا ۽ صبا اسانجون سهيليون آهن. اهڙي نموني نصيحت واري انداز ۾ چيائين ته هنن کي به پنهنجون ساٿياڻيون ٺاهيو ۽ فضا صبا لاءِ ڪتاب به گفٽ ڪيائين. اهي پارٽي ۽ نظرياتي قدر اهڙا رهيا اهن جو اڄ به منهنجي لاءِ تاج ۽ فضا جي گهر ۾ رهندي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پنهنجي ڪنهن رت جي رشتي جو گهر آهي پر حقيقت ۾ نظرياتي رشتو خوني رشتي کان به وڌيڪ هوندو آهي. ضرور احمد سليم جو جيترو ڏک مون محسوس ڪيو آهي فضا ۽ تاج به اوترو ڪيو هوندو. احمد سليم ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي نظرياتي دوستن لاءِ مانُ هئو.

مونکي هڪ ڳالهه جو ڏاڍو ڏک آهي. منهنجي ڪتاب ”پيڙا جو سفر“ پڙهي تنقيد ڪندي چيائين حميده مصلحت پسند ٿي تمام گهٽ لکيو آهي، منهنجي سياسي ڀوڳنائن جي سڄي معلومات هئس. مون چيومانس مهاڳ انور پيرزادي لکيو آهي جنهن ۾ لکيو اٿائين ته هيءَ زنده شهيد آهي. بس سمجهي ويو ۽ خواهش هئس ته هن جو اردو ترجمو ڪري لکي ڏيانس ته ڇپرائي. انهيءَ جون گواه امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح به آهن جن جي هٿ نياپو موڪليائين ته چئوس مونکي ترجمو موڪلي ته جلد ڇپرايون. هيءُ تاريخ جو اهم ڪتاب آهي. اڄ احمد سليم جي ڪتاب ڇپرائڻ واري خواهش منهنجو جيءُ جهوري ٿي ڇڏي.

اسان جيئري زندگيءَ ۾ ڏاڍا سست آهيون پر وقت جو وهڪرو انتظار  نٿو ڪري. هلندي هلندي وڃي سمنڊ جي موجن ۾ ملي ٿو. احمد سليم به ڪيترين لهرن مان لڙهندي سمنڊ جي ڇولين ۾ هليو ويو جتان ڳولهڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پر سندس اهڙيون يادگيريون، ڪارناما، جدوجهد، سچائي ڇولين وانگر جڏهن به سوچ جي ڪناري سان ٽڪرائينديون ڄڻ هر ورق تي سندس ڪنڌ نمائي خلوص وارو نصيحت آميز ڳالهائڻ سامهون نظر ايندو.

اڄ هو اسان کان جسماني طرح وڇڙي ويو پر ڪيترا لکيل ڪتاب، تقريرون، ٻوليءَ جي پنهنجائپ ۾ زنده رهي باشعور همدردن کي تحفو ڏئي ويو جيڪو هر صحتمند ۽ انقلابي ترقي پسند سوچ رکندڙ يادن کي سنڀالي رکڻ تي فخر محسوس ڪندو. سرخ سلام احمد سليم.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.