جج ۽ ان جي زال جيئن تشدد ڪيو، انهن کي به ائين ئي ماريو وڃي: رضوانا جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ جج ۽ سندس گهرواري جي مبينا تشدد جو شڪار 14 ورهين جي رضوانا اڃا تائين مڪمل طور صحتياب ناهي ٿي سگهي، نه هوءَ گهڻو ڳالهائي سگهي ٿي ۽ نه گهمي ڦري سگهي ٿي.
اسلام آباد پوليس لاهور ۾ چائلڊ پروٽيڪشن بيورو اچي رضوانا جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي.
رضوانا بيان ۾ الزام هنيو آهي ته جج به مون تي تشدد ڪندو هو، مٿي کي ڀت ۾ ٽڪر هڻائيندو هو، انهن کي به ائين ئي ماريو وڃي، جيئن اهي تشدد ڪندا هئا.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي رضوانا چيو ته مون کي ڏنڊن ۽ بيٽن سان ماريو ويندو هو، ڇُريون ٽُنبيون وينديون هيون.
هوڏانهن چائلڊ پروٽيڪشن بيورو پنجاب جي چيئرپرسن سارا احمد چيو آهي ته اسلام آباد پوليس گهريلو تشدد جو شڪار رضوانا جو بيان وٺي ڇڏيو آهي، ان جي ليگل ٽيم به بيان وقت موجود هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.