جڳ مشهور ڀارتي گلوڪار کي تڪبر جهڪائي وڌو، پاڪستاني گلوڪار کان معذرت

هونئن فن جي دنيا ۾ ڪنهن به قسم جون حدون نه هئڻ گهرجن پر ڪيترن ئي ماڻهن تي سماج جو گهڻو اثر هوندو آهي جنهن جي ڪري اهي پنهنجي ذهنيت ۽ سوچ کي هر هنڌ ساڳيو ئي محسوس رکندا آهن، اهڙو ئي مثال ڀارت جو جڳ مشهور ڳائڻو سونو نگم به آهي جيڪو مختلف وقتن ۾ مسلمانن توڙي پاڪستاني ڳائڻ خلاف نفرت انگيز بيان ڏئي پنهنجي اندر ٻاهر ڪڍندو رهندو آهي.

سونو نگم هڪ ڀيري ته آواز ۽ ڏات تي تڪبر ڪندي پاڪستاني ڄائي عالمي ڳائڻي راحت فتح علي خان جي انڊيا ۾ ڳائڻ تي به اعتراض واريو هو، جڏهن ته هن مسجد ۾ ايندڙ آواز بابت به برداشت نه ڪرڻ جوڳو بيان ڏنو هو جنهن تي نه رڳو کيس پاڪستان پر ڀارت ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

پر خدا جي ڪرڻي، سونو نگم کي مسلمانن ۽ پاڪستانين کان نفرت جي سزا اهڙي ملي جو وقت هن کي پاڪستاني گلوڪار جي اڳيان ئي جهڪائي وڌو.

پنهنجي ڏات تي تڪبر ڪندڙ دنيا ۾ آواز جي بادشاهه سان سڃاتو ويندڙ سونو نگم چوريءَ جو اعتراف ڪندي پاڪستاني گلوڪار کان معافي ورتي آهي.

جڏهن ته پاڪستاني گلوڪار عمر نديم به وڏي دل جو مظاهرو ڪندي سونو نگم کي معاف ڪري ڇڏيو، جنهن جي پوسٽ هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي به شيئر ڪئي آهي.

معاملو ڇو هيو، ڪيئن ٿيو ۽ ڪهڙي ريت سونو نگم پاڪستاني گلوڪار کان معافي ورتي تفصيل ڏسڻ جي لاءِ ڏسو مڪمل وڊيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.