نوجوانن کي ڏينهن ۾ ڪيترا ڪلاڪ فون استعمال ڪرڻ گھرجي؟ماهرن جي صلاح

سئول (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته سمارٽ فون جو چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ استعمال نوجوانن کي صحت جي مسئلن ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو.
ڏکڻ ڪوريا جي هين يانگ يونيورسٽي ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ 2017ع کان 2020ع وچ ۾ 50 هزار جي ويجهو ڪورين شهرين کان ٻه ڊگھا سوال ناما ڀرايا ويا.
هڪ سوال نامي ۾ انهن کان سندن جسماني ۽ ذهني صحت بابت پڇاڳاڇا ڪئي وئي جڏهن ته ٻئي ۾ هنن پنهنجي سمارٽ فون استعمال جي وقت بابت ٻڌايو.
جرنل پي ايل او ايس ون ۾ ڇپيل مطالعي ۾ محققن سوال نامن مان حاصل ٿيل ڊيٽا کي استعمال ڪندي سمارٽ فون جي استعمال ۽ صحت تي پوندڙ ان جي اثرن وچ ۾ واسطي جو (عمر،جنس،سماجي ۽ معاشي رتبي جو خيال رکندي) جائزو ورتو ويو.
تحقيق ۾ خبر پئي ته اهي ماڻهو جيڪي روز هڪ کان ٻن ڪلاڪن جي وچ ۾ فون استعمال ڪندا هئا انهن ۾ ڊپريشن، آپگهات جا خيال، ننڊ جا مسئلا، ذهني دٻاءُ ۽ شراب واپرائڻ جي عادت جا خطرا فون بلڪل استعمال نه ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ گھٽ هئا.
پر، اهي ماڻهو جيڪي چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت فون کي ڏيندا هئا انهن ۾ اهڙن ذهني صحت جي مسئلن ۽ نشي آور شين جي استعمال جي شرح ڊوائيس جو مناسب استعمال ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ 22 سيڪڙو وڌيڪ هئا.
تحقيق جي ليکڪن رپورٽ ۾ لکيو ته آپگهات جي ڪوشش جي خلاف فون جو هڪ کان ٻن ڪلاڪن وچ ۾ استعمال محفوظ آهي. نتيجن موجب روز سمارٽ فون جو ٻن ڪلاڪن کان گھٽ استعمال ذهني صحت تي بلڪل به استعمال نه ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائديمند اثر رکي ٿو.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته اهي نوجوان جيڪي ٻن ڪلاڪن کانگھٽ وقت سوشل ميڊيا تي ڏين ٿا انهن ۾ ذهني دٻاءَ جا خطرا 30 سيڪڙو، ننڊ جا مسئلا 27 سيڪڙو، ڊپريشن جا امڪان 38 سيڪڙو، آپگهات جا خيال 43 سيڪڙو ۽ شراب واپرائڻ جي عادت جا امڪان 47 سيڪڙو گھٽ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.