اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي دالبندين ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان فتنه الهندوستان خلاف ڪيل ڪارروائي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز ڪامياب آپريشن ۾ فتنه الهندوستان جي ٿاڪن کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ۾ سمورا ڇهه ئي دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد هڪ جابلو غار ۾ لڪيل، جن تي فضائي نگراني وسيلي لڳاتار نظر رکي وئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، فورسز طرفان مناسب وقت تي دهشتگرن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو.
ذريعن جو چوڻ هو ته اهم ڪاميابي سيڪيورٽي فورسز ۽ ڳجهن ادارن جي بهتر هم آهنگي ۽ اثرائتن رابطن جو نتيجو آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي تائين فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون.
بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فتنه الهندوستان خلاف ڪارروائي، 6 دهشتگرد ماريا ويا
You might also like