بلٽ پروف گاڏين جو مطالبو ڪنهن ڪيو هو؟ ڪي پي کي پوليس مليل گاڏين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

پشاور(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان خيبرپختونخوا پوليس کي ڏنل بلٽ پروف گاڏين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، پوليس کي بلٽ پروف گاڏيون ڏيڻ جو فيصلو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ايف سي ۽ پوليس عملدارن گهرو وزير کي صوبي ۾ آفيسرن کي پيش خطرن بابت آگاهه ڪيو ۽ بلٽ پروف گاڏين جو مطالبو ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڊرل ڪانسٽيبلري کي ڏاکڻ ضلعن لاءِ 10 بلٽ پروف گاڏيون گهربل آهن.
گهرو وزير محسن نقوي فيڊرل ڪانسٽيبلري ۽ پوليس کي گاڏيون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي، جنهن تحت ڪي پي پوليس کي 3 ۽ فيڊرل ڪانسٽيبلري کي 2 بلٽ پروف گاڏيون ملڻيون هيون.
ذريعن موجب، فيڊرل ڪانسٽيبلري کي 10 مهينا پهرين به 3 بلٽ پروف گاڏيون ملي چڪيون آهن.
سرڪاري ذريعن موجب، گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ وڙهندڙ ادارن سان گڏ بيٺي آهي.
محسن نقوي چيو ته آپريشن وارن علائقن ۾ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي هر صورت محفوظ بڻايو ويندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي وفاقي حڪومت طرفان پوليس کي ڏنل بلٽ پروف گاڏين کي بيڪار قرار ڏيندي انهن کي ڪي پي پوليس جي تذليل قرار ڏنو هو ۽ گاڏيون ترت وفاق کي واپس ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا.
ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو هو ته خيبرپختونخوا جيان بلوچستان به دهشتگردي سبب متاثر آهي، جيڪڏهن ڪي پي حڪومت بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪري ٿي ته اهي اسان کي ڏنيون وڃن.
گهرو وزير محسن نقوي سرفراز بگٽي جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ٺيڪ آهي، اِهي بلٽ پروف گاڏيون بلوچستان حڪومت کي ڏنيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.