سون يڪدم هزارين رپيا سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ به وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 7 هزار 538 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 37 هزار 362 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 6 هزار 463 رپيا گهٽجڻ بعد 3 لک 74 هزار 967 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 85 ڊالر گهٽتائي سان 4 هزار 150 ڊالرز ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.