پاڪ نيوي عربي سمنڊ ۾ هڪ ارب ڊالر جي منشيات پڪڙي ورتي، آمريڪي سينٽ ڪام طرفان واکاڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيوي عربي سمنڊ ۾ اربين رپين جي ماليت جي منشيات پڪڙي سڄي دنيا ۾ پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن جي ڌاڪ ويهاري ڇڏي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ڪامياب آپريشن تي پاڪ نيوي کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
سينٽ ڪام هڪ بيان ۾ چيو ته ڪارروائي سعودي قيادت هيٺ قائم گڏيل ٽاسڪ فورس 150 سان لاڳاپيل پي اين ايس يرموڪ ڪئي.
بيان موجب، رڳو 48 ڪلاڪن اندر پاڪستان نيوي ٻن شڪي ٻيڙين مان ٻه ٽن ڪرسٽل ميٿ، 350 ڪلوگرام آئس ۽ 50 ڪلوگرام ڪوڪين هٿ ڪئي، جن جي مجموعي ماليت 97 ڪروڙ 24 لک آمريڪي ڊالرز ٿئي ٿي.
سعودي رائل نيوي جي ڪمانڊر فهد الجويد ان ڪامياب ڪارروائي کي عالمي سهڪار جو بهترين مثال قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.