راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر آصف آفريدي پنهنجي پهرين ميچ ۾ ئي هڪ انوکو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ڏکڻ آفريڪا خلاف پنڊي ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ اسپنر آصف آفريدي انگلينڊ جي چارلس ميرٽ جو 92 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ليفٽ آرم اسپنر آصف آفريدي ڊيبيو تي 5 وڪيٽون وٺندڙ سڀ کان وڏي عمروارو ڪرڪيٽر بڻجي ويو.
ان کان اڳ انگلينڊ جي چارلس ميرٽ 1933ع ۾ 37 سال 332 ڏينهن جي عمر ۾ پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ 5 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.
ياد رهي ته راولپنڊي ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ آصف آفريدي جي عمر 38 سال 299 ڏينهن آهي.
You might also like