پنڊي ٽيسٽ: بابر بِيهي ويو، شاهينن جون پروٽيز خلاف ٻي اننگز ۾ 4 وڪيٽن تي 94 رنسون، 23 جي ليڊ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ميچ جي ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي 4 وڪيٽن تي 94 رنسون ٺاهي ٻي اننگز ۾ 23 رنسن جي ليڊ حاصل ڪري ورتي.
پنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا ٽيل اينڊرز جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ 71 رنسون جي ليڊ حاصل ڪئي هئي.
ٻي اننگز ۾ پاڪستاني ٽاپ آرڊر ناڪام رهيو ۽ رڳو 16 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ٽي وڪيٽون ڪِريون پيون، جنهن کانپوءِ سعود شڪيل ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم اسڪور کي هوريان هوريان اڳتي وڌايون.
پاڪستان جي طرفان ٻي اننگز جي شروعات عبدالله شفيق ۽ امام الحق ڪئي، امام الحق هڪ ڀيرو وري ناڪام ثابت ٿيو ۽ رڳو 9 رنسون ٺاهي هارمر جو شڪار بڻيو.
عبدالله شفيق به 6 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته ڪپتان شان مسعود کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.
پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ 60 رنسن جي مجموعي تي اسڪور تي سعود شڪيل صورت ۾ ڪِري، هو 11 رنسون ٺاهي هارمر جو ٽيون شڪار بڻيو.
اهڙي صورتحال ۾ بابر اعظم ۽ رضوان ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي ڏينهن جي پڄاڻي تائين وڪيٽ بچائي رکي، ٽئين ڏينهن جي خاتمي تي پاڪستان 4 وڪيٽن تي 94 رنسون ٺاهي ڏکڻ آفريڪا تي 23 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
بابر اعظم 49 ۽ محمد رضوان 15 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن.
ڏکڻ آفريڪا طرفان سيمون هارمر 3 ۽ ربادا هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيل اينڊرز پهرين اننگز ۾ زبردست بيٽنگ ڪندي آخري 3 وڪيٽن تي ٽيم جي اسڪور ۾ 194 رنسن جو واڌارو ڪيو ۽ پاڪستان خلاف 71 رنسن جي ليڊ حاصل ڪئي.
راولپنڊي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا پاڪستان جي 333 رنسن جي جواب ۾ 185 رنسن 4 رانديگر آئوٽ تي اننگز جي شروع ڪئي، آصف آفريدي بنا ڪنهن رنسن جي واڌاري جي ڊيولڊ بريوس کي آئوٽ ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ آصف آفريدي ڪائل ويريين ۽ سيٽ بيٽر ٽرسٽن اسٽبس کي به پويلين ڀيڙو ڪندي پنهنجي پهرين ئي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ 5 وڪيٽن جو ڪارنامو سرانجام ڏنو، جڏهن ته مارڪو جينسن کي نعمان علي آئوٽ ڪيو.
8 وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ سينورن مٿو سوامي ۽ ڪيشو مهاراج شاندار بيٽنگ ڪندي 71 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، جڏهن ته مٿو سوامي ربادا سان گڏجي 98 قيمتي رنسن جو واڌارو ڪيو ۽ ٽيم جو اسڪور 404 رنسن تائين پهچائي ڇڏيو.
ڪگيسو ربادا 4 ڇڪن ۽ 4 چَوڪن جي مدد سان 71 رنسن جي اننگز کيڏي آصف آفريدي جو ڇهون شڪار بڻيو، جڏهن ته مٿو سوامي شاندار 89 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستان جي طرفان آصف آفريدي شاندار بالنگ ڪندي 6 وڪيٽون ورتيون، نعمان علي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ ساجد خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 333 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن ۾ ڪپتان شان مسعود 87، سعود شڪيل 66 ۽ عبدالله شفيق 57 رنسن ٺاهي شاندار اننگز کيڏي هئي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي طرفان ڪيشو مهاراج 7 شڪار ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.