نه مينهن نه طوفان، آسٽريليا ۾ ميچ حيران ڪندڙ سبب جي ڪري ملتوي

ڪيمبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي بگ بيش ليگ ۾ پرٿ اسڪورچرز ۽ ميلبرن رينيگيڊز وچ ۾ ميچ خطرناڪ پچ سبب ملتوي ڪئي وئي.

جيلونگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميلبرن رينيگيڊز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو جنهن بعد پرٿ اسڪورچرز 6.5 اوورز ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 30 رنز ٺاهيون جڏهن ته بعد ۾ خطرناڪ پچ سبب ميچ وڌيڪ جاري نه رهي سگهي.

دفاعي چيمپيئن پرٿ اسڪورچرز جي ان اننگز ۾ پچ جي خراب ٿيڻ سبب بال غير ضروري ۽ واڌو بائونس ڪري رهيو هو ۽ بيٽرز کي ڏکيائي ٿي رهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.