ڪوهاٽ ۾ پي ٽي آءِ جو ڪنوينشن، ڪارڪنن جو سمنڊ اُٿلي پيو

ڪوهاٽ (م ڊ) ڪوهاٽ ۾ جتي پيپلزپارٽي ميدان سجايو، اُتي وري پي ٽي آءِ به ورڪرز ڪنوينشن جي صورت ۾ هڪ وڏو پاور شو   ڪيو، پي ٽي آءِ جو هي ڪنوينشن جنانيا ملز گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سينيئر نائب صدر شير افضل مروت باجوڙ  وانگر عوام کان عمران خان زنده آباد ۽ پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا به هڻايان، جنانا ملز گرائونڊ اهو ئي مقام آهي جنهن جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي دعويٰ هئي ته مقامي انتظاميا ڪنوينيشن جي جاءِ تي پاڻي ڇڏيو آهي، ضلعي انتظاميا چيو هو ته پي ٽي آءِ اين او سي جي حصول جي لاءِ شرطون پوريون نه ڪيون هيون، ان جي باوجود پي ٽي آءِ جنانا ملز گرائونڊ ۾ ڪنوينشن ڪيو، جنهن کي شير افضل مروت به خطاب ڪيو، هن چيو ته هر پختون عمران خان آهي، هي ڪيس، مارڪٽ ۽ ڇاپا ڪجهه نٿا ڪري سگهن،هاڻ ته اسان کي مزو اچي رهيو آهي، ڌمڪيون ۽ ڪيس پختونن جو رستو نٿا روڪي سگهن، هي ڪيس ڪندا، ڌمڪيون ڏيندا، پر سر سان ڪفن ٻڌي نڪتو آهيان خان سان گڏ آخري گهڙي تائين بيٺل رهندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.