يونيورسٽي ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قائد اعظم يونيورسٽي ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
اسلام آباد پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان 11 ڪلو 9 سئو گرام منشيات هٿ آئي آهي، جوابدار قائد اعظم يونيورسٽي سميت ٻين تعليمي ادارن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندا هئا.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن منشيا جهنگ ۾ لڪائي هئي، منشيات فروشن جي سڃاڻپ مبشر حسين، مدثر علي ۽ افضال حسين جي نالن سان ٿي آهي جيڪي بري امام جا رهواسي آهن.
جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ان حوالي سان اهم انڪشاف جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.