جوهي برانچ جي تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ خلاف سوين ماڻهن جو ڌرڻو

ڪڪڙ (رپورٽ: شفيع محمد جنجهه) ڪڪڙ ۾ جوھي برانچ جو ڪم اڃا نه ٿيو، 40 شاخن جي پاڻي جي فراھمي بند، 2 لک ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي سگھي، جوهي برانچ جي بحالي ۽ تعميراتي ڪم ۾ مبينا  ڪروڙين رپين ڪرپشن خلاف آبادگارن ڪيترائي ڪلاڪ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، وڏي انگ ۾ آبادگار، هاري ۽ شهري ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، ڪڪڙ جي جوھي  برانچ جي بحالي ۽ مبينا تعميراتي ڪم ۾ ايريگيشن جي عملدارن ۽ ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪري ڪروڙين روپيا ڪرپشن ڪرڻ خلاف آبادگارن طرفان پيپلزپارٽي يوسي مٺو ٻٻر چيئرمين صداقت علي خان ناريجو جي اڳواڻي ۾ سوين آباگارن پاران احتجاجي مظاھرو ڪندي مک روڊ انڊس ھاءِ وي تي ڳوٺ لعل بخش خاصخيلي وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻو 4 ڪلاڪ تائين جاري رھيو ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ امداد چانڊيو، حاجن جمالي، واپاري اڳواڻ محمد اقبال چارڻ، پيپلزپارٽي سپاف اڳواڻ مير مختيار بروھي، يوسي چئيرمين خادم حسين ٻٻر، مولانا محمد حفيظ چانڊيو، عارب علي سميت سوين آبادگار شريڪ ٿيا، ڌرڻي سبب سبب سوين مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ھزارين  مسافر سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا، مسافرن  ۽ مظاھرين وچ ۾  سخت چڪريون پڻ ٿيون، ڌرڻي سبب مظاھرين مسافرن گڏجي جمعي جي نماز روڊ تي ادا ڪئي، مظاھرين جو چوڻ آھي ته جوھي برانچ جي تعميراتي ٽٽل سليب جي ڪم دوران آبپاشي عملدارن انجنيئر بلرام توڙي ضلعي انتظاميا ملي ڀڳت ڪري نئون تيار ٿيل ٽٽل سليب جي ڪم ۾ مبينا ناقص مٽيريل استعمال ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سبب ھلندڙ ڪم 4 ڪلاڪن اندر ٻيھر ٽُٽي پيو جيڪو واضح طور ڪرپشن ڪرڻ جو چٽو ثبوت ۽ نااھلي آھي، سليب ٽٽڻ دوران ٻيھر 40 کان وڌيڪ شاخن جي پاڻي جي فراھمي معطل ھئڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي، فصل تباهه ٿي رهيو آهي اربين روپين ڪيل خرچ  نقصان ٿي ويو آھي پر آبپاشي عملدارن ٻيھر جوھي برانچ جي ڪم ڪرڻ لاءِ آبپاشي عملدار رڳو دورا ڪري ڦوٽو سيشن ڪرڻ ۾ پورا آھن جن جوھي برانچ جي بحالي لاءِ ڪي به جوڳا انتظام پاڻي فراھم ڪرڻ لاءِ نه ڪيا آھن، ايريگيشن کاتي جي ڪامورن کي ڪا پرواهه ئي ناھي، اسان جو گذر سفر زراعت تي آھي فصل نه ٿيڻ ڪري اسين خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين، موت جا ذميوار آبپاشي کاتي وارا ھوندا، اسان جو مطالبو آھي ته ھنگامي بنيادن تي پمپنگ اسٽيشن جا موٽر چالو ڪري جوھي بئرانچ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري ته جيئن آبادگار ڪڻڪ جي پوکائي ڪري پنھنجو گذر سفر ڪري سگھن، ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض احمد راھوجو جي ھدايتن تي اي سي ۽ ڊي ايس پي ڪي اين شاهج ايس ايڇ او ڪڪڙ مظاھرين وٽ پھچي جوھي بئرانچ جي بحالي جي يقين ڏياريندي 4 ڪلاڪ تائين لڳل ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

ڪاري موري جو ڪم تسلي بخش ڪرائينداسين، ذميواري مون کنئي آهي: ڊي سي دادو

دادو(رپورٽ:غوث جهتيال) ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راهوجو چيو آهي ته ڪاري موري جو ڪم تسلي بخش ڪرائڻ  لاءِ اختيارين جي خصوصي هدايتن تي مون ذميواري کڻي ڪم جي شروعات ڪئي آهي جوهي بئراج ۾ پڇڙي جي آبادگارن تائين زرعي پاڻي پهچائڻ لاءِ پاڻي جي چوري روڪڻ لاءِ بئراج ۽ واهن، شاخن جا دورا ڪيا آهن ۽ جن جن هنڌن تان زرعي پاڻي چوري ٿي رهيو هو انهن هنڌن تان لفٽ مشينون، ڇاٻون، دڪا، مانڊول هٽرائي پاڻي کي لنگهه ڏنو آهي ڪاري موري سڌو سنئون ٽيڪنيڪل مسئلو آهي ان ڪري ماهرن جي مدد پڻ حاصل ڪئي آهي جوهي جي آبادگارن جي شڪايت جلد ختم ٿي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راهوجو دادو پريس ڪلب جي دوري وقت ڳالهائيندي چيو ته دادو پريس ڪلب ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ باهه واري واقعي جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو، دادو پريس ڪلب مظلوم عوام جو ڀرجهلو طور ارباب اختيارين تائين عوام جو آواز پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي سچين خبرن جو نوٽيس ٿئي ٿو صحافي کي خبر لکڻ کان اڳ ۾ ان جي چئني طرفن جي ڄاڻ رکڻ گهرجي،  ميونسپل ڪاميٽين، ٽائون ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن کي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي اهو ڪم اهي ادارا سرانجام نه پيا ڏين جنهن ڪري عوام سڄو نزلو ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن تي اڇلائي پئي ميونسپل ڪاميٽين جي سربراهن سان انتظامي گڏجاڻيون ڪري انهن کي ميونسپل سروسز عوام کي مهيا ڪرڻ بابت هدايتون جاري ڪيون آهن شهر مان حددخلين جي خاتمي لاءِ جوڳا انتظام ڪيون پيا، زرعي ڀاڻن جي کوٽ آهي ان لاءِ اسان ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جي اختيارين کي خط لکيو آهي ڄامشورو ضلعو الڳ آهي پر ان ضلعي جا ڊيلر ۽ آبادگار اسان جي ضلعي دادو جي ڪوٽا مان زرعي ڀاڻ کڻي وڃن پيا.

جوهي جا آبادگار پريشان، فصلن تي ڪيل خرچ لڙهي ويو، ڪروڙن جو نقصان

جوهي ( رپورٽ ايم اسماعيل پيرزادو ) ڪروڙين رپين سان تعمير ٿيندڙ ڪاري موري ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب ٽٽڻ ڪري هزارين ننڍا  وڏا کاتيدار پريشاني جو شڪار آهن. آبادگارن جا ڪاري موري جي تعمير جي آسري تي لکين ايڪڙن تي اربين رپين جا ٻج، ڀاڻ، هر، ڪيڻ ۽ ٻيا ننڍا وڏا خرچ لڙھي ويا آهن. جوهي بئراج مان نڪرندڙ متاثرن شاخن جي آبادگارن شھيد مخدوم بلاول پارڪ ۾ هنگامي اجلاس ڪوٺايو. آبادگار صدر منظور سولنگي، محمد عمر جمالي، فهد بلوچ، خان محمد رودناڻي، حاجي صديق جمالي، آصف بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقع تي جوهي تعلقي جي آبادگار صدر منظور سولنگي چيو ته آبپاشي انجنيئر بلرام ڪاري موري جي تعمير ڪرڻ نٿو چاهي، انجنيئر آبادگارن سان منهن ڏئي ڳالهائڻ تيار نه آهي، هن چيو اسان آبادگارن جو آبپاشي کاتي خلاف زرعي پاڻي بند ڪري وڪرو ڪرڻ ۽ ڪاري موري سميت سمورن ڪرپشن ڪندڙ ڪمن خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس هلندڙ آھي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ معافيا آبپاشي انجنيئر بلرام کي بدلي ڪرڻ بدران هر ڀيري چيف انجنيئر کي بدلي ڪرائي ٿي. هن چيو ته عارضي ڪاري موري جي ڪا به ضرورت نه هئي تعمير ٿيندڙ ڪاري موري عارضي موري کان 2  سئو فٽ پري آھي، هٿ وٺي موري کي ٽوڙيو ويو جئين جوهي جي پڇڙي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي نه پهچي سگهي. هن چيو ته آبپاشي انجنيئر ۽ ٻئي ڪرپٽ عملي توڙي پاڻي چورن خلاف احتجاج جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.