عمران خان توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي ۽ جيل ٽرائل کي چئلينج ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي ۽ جيل ٽرائل کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
عمران خان طرفان درخواست سلمان اڪرم راجا ۽ بئريسٽر سمير کوسا جي معرفت داخل ڪرائي وئي آهي.
درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي ڌر بڻائيندي چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن غير قانوني طور توهين ڪميشن جي ڪارروائي شروع ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن وٽ توهين ڪميشن جي ڪارروائي جو اختيار ناهي.
درخواستگذار موجب اليڪشن ڪميشن ان ڪيس ۾جيل ٽرائل جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو غير قانوني آهي، جيل ۾ ڳجهو ٽرائل آئين جي آرٽيڪل 4 جي ڀڃڪڙي آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 13 ڊسمبر جي تاريخ جيل ۾ فرد جرم جي ڪارروائي لاءِ مقرر ڪئي آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن جو جيل ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.