ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکاري ويندي يا رڪارڊنگ؟ ڪميٽي جي رپورٽ تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ريفرنس جي نشريات ڏيکارڻ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني ڪميٽي رپورٽ جوڙي ورتي.
ذريعن موجب صدارتي ريفرنس جي ڪارروائي بابت سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني ڪميٽي سومر تي رپورٽ پيش ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني ڪميٽي ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ريفرنس جي نشريات سڌي ريت ڏيکارڻ يا ٻڌڻي کانپوءِ رڪارڊنگ جاري ڪرڻ بابت رپورٽ جوڙي آهي.
ذريعن موجب جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ڪميٽي سفارشون فل ڪورٽ سامهون رکندي.
ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي 12 ڊسمبر اڱاري تي ٿيندي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.