93 ۽ 99 ۾ ڇو ڪڍيو ويو؟ ملڪ کي هتي پهچائيندڙن جو گهيرو ٿيڻ گهرجي: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي اسان کي ٻڌايو وڃي ته 93 ۽ 99 ۾ ڇو ڪڍيو ويو؟ ڇا ڪارگل جنگ ڇيڙڻ جو سوال ڪرڻ تي ڪڍيو ويو؟
لاهور ۾ پارٽي ٽڪيٽ جي اميدوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته قوم گذريل 4 سال ڏکيو وقت ڏٺو، اسان جي دور ۾ معيشت بهتر ۽ ترقي عروج تي هئي پر ڪجهه ڪردار اهڙا آيا، جن ڊوڙندڙ پاڪستان کي ٺپ ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته هر ڀيري اسان سٺا ڪم ڪيا پر هن ڀيري اسان کي ڪڍيو ويو، مون کي خبر پوڻ گهرجي ته 93 ۽ 99 ۾ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ اسان چيو ڪارگل ويڙهه نه ٿيڻ گهرجي ها ان ڪري ڪڍيو ويو؟ وقت ثابت ڪري رهيو آهي ته اسان صحيح هئاسين، اسان جو اهو فيصلو به صحيح هو.
سندس چوڻ هو ملڪ جي ڳالهه ايندي آهي ته اسان پوئتي ناهيون هٽندا، اسان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ پاڪستان مضبوط ٿي ويو، اڄ ڪنهن کي طاقت ناهي ته پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسي.
نواز شريف چيو شهباز شريف اچي نه سنڀالي ها ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي ها، اڳ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو هو، پي ٽي آءِ حڪومت بجلي اگهن جو مسئلو به پيدا ڪري ڇڏيو، اڄ غريب جي سڄي پگهار بجلي جي بل تي لڳي ويندي آهي، توهان پاڪستان سان ائين ڇو ڪيو؟
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن ملڪ کي هتي پهچايو آ انهن جو گهيرو ٿيڻ گهرجي، انهن کان پڇڻ گهرجي ته توهان ائين ڇو ڪيو، هي اسان جو ملڪ آهي، اسان جي نسلن کي هتي رهڻو آهي، گهٽ ۾ گهٽ انهن لاءِ ته سٺو ملڪ ڇڏي وڃون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.