گهوٽڪي ۾ به ٽرين مزدا مٿان چڙهي وئي، ڊرائيور فوت

گهوٽڪي(رپورٽ: عرفان علي سومرو)گهوٽڪي ويجهو ڦاٽڪ ڪراس ڪرڻ دوران ڪراچي کان لاهور ويندڙ گرين لائين ٽرين ۽ مزدا ۾ ٽڪر  سبب ڊرائيور موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد محمدپور ڀرسان ڦاٽڪ ڪراچي کان لاهور ويندڙ گرين لائين ٽرين جو ڦاٽڪ ڪراس ڪندڙ مزدا کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور نورل ٽانوري موقعي تي فوت ٿي ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪرايو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، حادثي دوران ڦاٽڪ تي ڊيوٽي ڪندڙ گيٽ مين موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس موجب ٽرين جي ٽڪر لڳڻ سبب گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي ۽ واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي ته واقعو ڪيئن پيش آيو، ذريعن موجب ڪوهيڙي سبب ڦاٽڪ تي مزدا ڪراسنگ ڪرڻ دوران ڦاسي پئي ۽ ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.