منظور پشتين سميت 55 ڄڻن خلاف فائرنگ جو ڪيس داخل

ڪوئيٽا ( م ڊ ) چمن ۾ پوليس 4 ڊسمبر تي پريس ڪلب ناڪي تي فائرنگ ڪرڻ تي 55 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس  موجب ڪيس ۾ منظور پشتين، حاجي محمود اچڪزئي سميت 15 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حاجي محمود اچڪزئي ۽ پي ٽي ايم جي 2 اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب منظور پشتين تي ڪوئيٽا ويندڙ اهلڪارن تي فائرنگ جو الزام آهي. ياد رهي ته پريس ڪلب ناڪي تي فائرنگ جي سي سي ٽي وي وڊيو به سامهون آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.