سنڌ ۾ ٽريڪ غير محفوظ، ٽرين جي ٽڪر ۾ ٽرڪ ڊرائيور فوت

ڀان سيدآباد (رپورٽ: خادم عرف آدم مينگل ) ڀان سيدآباد ويجهو پير شاخ وٽ هڪ ٻيو ٽرين حادثو پيش آيو، ٽرين ٽرڪ مٿان چڙهي وئي،  موهن جو دڙو ايڪسپريس لاڙڪاڻي کان ڪوٽڙي ويندي پير شاخ وٽ ٽرڪ مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور صاحب خان سولنگي ٽرين هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، فوتي ٽرڪ ڊرائيور جو لاش ريلوي ٽريڪ ڀرسان پير شاخ ۾ لڙهي ويو، لاش ڪيترائي ڪلاڪ پاڻي ۾ موجود هو جنهن کانپوءِ ريسيڪو عملدارن ۽ مقامي ڳوٺاڻن لاش پاڻي مان ٻاهر ڪڍي وارثن حوالي ڪيو، پير شاخ وٽ ڦاٽڪ نه هجڻ سبب ٽن ڏينهن دوران ٻيو حادثو پيش آيو، موئن جو دڙو ٽرين لاڙڪاڻي کان ڪوٽڙي طرف وڃي رهي هئي، پير شاخ وٽ حادثي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ علائقي واسي گڏ ٿي ويا، 4 ڏينهن اڳ به ساڳئي ئي هنڌ پير شاخ وٽ موئن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين وڏي حادثي کان بچي وئي هئي جنهن دوران ٽرين جو رڪشي سان ٽڪر ٿيو هو جنهن جي ڪري رڪشا تباهه ٿي ويو هو، پيرشاخ جي علائقي واسين ريلوي ٽريڪ تي ڦاٽڪ ٺهرائي گيٽ لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.