گم ٿيل شهري ياسين جي وارثن کي سرڪار معاوضو ڏيندي: گهرو کاتو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي واري درخواستن تي ٻڌڻي  ڪئي، جڏهن ته جبري گم ٿيل شهرين جي گهروارن کي معاوضو ڏيڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، شهري ياسين جي گهروارن کي حڪومت معاوضو ڏيندي، گهروکاتي جي فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته جبري گم ڪرڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جنهن ڪري حڪومت معاوضو ٿيندي، عدالت چيو ته جاچ ۾ ڇا ڪيو آهي، درخواستگذار کي مطئمن ڪرايو، جاچ آفيسر ٻڌايو ته 28 جي آءِ ٽي ۽ 14صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿيا آهن، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خديجه پاڪستاني نه آهي هو افغان شهري آهي، افغان شهري هجڻ جي ڪري آرٽيڪل 199جي تحت پنهنجي مڙس محمد اڪبر جي آزادي لاءِ درخواست داخل نٿي ڪري سگهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24جنوري تائين ملتوي ڪندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.