خبر ناهي ته چونڊن ۾ مونکي ٽڪيٽ ملندي يا نه : مراد علي شاهه

حيدرآباد ( ن ع آ ) پيپلز پارٽي پاران بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ تاريخي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو  آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وقار مهدي حيدرآباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته اليڪشن ٽن مهينن بعد ٿيڻي هئي 5 مهينا ٿي ويا آهن پر اليڪشن ناهي ٿي ۽ هاڻي چون ٿا 8 فيبروري تي ٿيندي، نثار کهڙي چيو ته ڪجهه ماڻهو تڪبندين تي اعتراض وارڻ لاءِ عدالت ويا آهن ته جيئن اسٽي وٺي سگهن ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته هو هاڻي حتمي تڪبندين جو اعلان ڪري. اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٽڪيٽن بابت پارلياماني بورڊ فيصلو ڪندو، خبر ناهي ته مونکي به ٽڪيٽ ملندي يا نه مراد علي شاهه چيو ته  عمران خان جي اچڻ سان ملڪ جي وڏي تباهي ٿي ۽ مهانگائي جو طوفان برپا ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.