جيڪا حڪومت ايندي آهي ان کي راءِ جو اظهار زهر لڳندو آهي: وزير اعظم

ڪراچي ( م ڊ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيڪا حڪومت ايندي آهي ان کي راءِ جو اظهار زهر لڳندو آهي. ڪراچي جي آغا  خان يونيورسٽي ۾ شاگردن سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته تعليمي ادارا هميشه منهنجي دل جي ويجهو رهيا آهن، مون کي شيون سکڻ ۽ سمجھڻ تي خوشي ٿيندي آهي. هن چيو ته شاگردن سان ڳالهائڻ هميشه خوشي جي ڳالهه آهي، گلگت بلتستان پاڪستان جو حصو آهي ۽ هميشه رهندو، پاڪستان ۾ هر شهري کي اظهار جي آزادي آهي. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته گلگت ۾ ماءُ کي گوليون لڳڻ افسوسناڪ آهي، رياست کي طاقت جو استعمال ڪرڻ جو حق آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن سميت سمورن شهرين کي برابري جا حق حاصل آهن، مديني جي رياست ۾ حقن ۽ ذميوارين جي حوالي سان برابري هئي، ميرٽ جي اچڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.